تازا ترين
  • *ميرپورماٿيلو: ڊسٽرڪٽ اسپتال جي انتظاميه حفاظتي ڪٽس نه مليون، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ عملي ۾ ڪورونا جو خدشو*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن ڳوٺن ۾ آيل تبليغي جماعت جي 21 مولوين کي پوليس ٻن مسجدن ۾ بند ڪري ڇڏيو*
  • *ڪراچي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا، وائرس جي مقامي منتقليءَ جا 7 نوان ڪيس ظاهر*
  • *چونڊڪو ڀرسان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت فوت*
  • *اسلام آباد: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ واري درخواست رد*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ايم ڊي سي کي فوري طور بحال ڪري آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو * سيڪريٽري صحت کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو وڃي:عدالت *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ايم ڊي سي کي عدالت حڪم باوجود بحال نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ڪيسز جو انگ 1625 ٿي ويو، 18 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا *گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 54 نوان ڪيس ظاهر، 4 ڄڻا فوت ٿيا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر* پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 593، سنڌ ۾ 508، خيبرپختونخواهه ۾ 195 ڪورونا جا ڪيسز ٿي ويا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر * بلوچستان ۾ 144، اسلام آباد ۾ 51، آزاد ڪشمير ۾ 6 ۽ گلگت بلتستان ۾ 128 ڪيسز رپورٽ: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر * پاڪستان ۾ 28 ڄڻا ڪورونا وائرس مان مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر *
  • * 34 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، سوا 7 لکن جي لڳ ڀڳ متاثر مريض*
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي تباهين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 8 ڏهاڙا گذري ويا، غريب بک مرڻ لڳا، پورهيتن جو صبر ختم، مختلف شهرن ۾ مظاهرا*
  • *کپرو: ڳوٺ ڀٽياڻي ۾ سولر پليٽ جي بيٽري مان باهه لڳڻ سبب ٽي گهر سڙي ويا * باهه لڳڻ سبب پورهيت هوتو، ڀٽو ۽ ٽيڪم اوڏ جي گهرن ۾ پيل اناج، بسترا، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو ضروري سامان سڙي ويا *
  • *ٽنڊو محمد خان: هڪ شهري ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز نصيرآباد پاڙي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو * ٽنڊومحمد خان انتظاميا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريض جي گهر ڀاتين جي ٽيسٽ ڪرائڻ بابت ڪو به فيصلو نه ڪيو* ڪورونا جي مريض کي حيدرآباد منتقل ڪندڙ ايمبولينس ڊرائيور کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو*

ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان گاڏي ڪلٽي: 13 پورهيت زخمي ٿي پيا

ٽنڊوغلام حيدر(ن پ ا ) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان شھزور گاڏي ڪلٽي، 13 پورھيت زخمي. حيدر آباد بدين مين روڊ تي شھزور گاڏي ٽاءِ راڊ ٽٽڻ ڪري ڪلٽيون کائي کاھي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 13 پورھيت زخمي ٿي پيا، جن کي سرڪاري اسپتال آندو ويو، زخمين ۾ رميش، ڀيمي، پونيو، انوش ڪمار، مازو، ويرجي ۽ ٻيا شامل آهن، حادثي جو شڪار ٿي ويل پورهيت گولاڙچي جي 40 چڪ ۾ سارين جي لاباري مزدوري تي ويل هئا، جيڪي پنهجي ڳوٺ ميرواهه گورچاڻي واپس وڃي رھيا هئا حادثو پيش آيو.

Bookmark the permalink.