تازا ترين
  • *گمبٽ: ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: عورت مجاهدان شيخ فوت، نينگري جويه شيخ سميت 3 زخمي*
  • *روهڙي: بيماري ۽ بي روزگاري کان تنگ اچي نوجوان 30 ورهين جي سيد منصور حسين پٽ غلام شاھ درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: رتوديرو ڀرسان راولپنڊي واسڻ عورت لاوارث حالت ۾ هٿ، ٽرسٽ حوالي*
  • *ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان غلام مصطفيٰ پٽ پير بخش گولو جي اغوا جي تصديق، وارثن سان فون تي رابطو، بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ تي زور * ڪنڌڪوٽ: مغوي نوجوان غلام مصطفيٰ گولو پنهنجي چاچي کي فون ڪري اغوا بابت ٻڌايو * ڪنڌڪوٽ: نوجوان 15 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ ڀرسان کنڀجي ويو هو *
  • *لکي غلام شاهه ويجهو اسڪول ۾ شاگردياڻي زيبا ڌيءُ استاد جاويد علي ڪلوڙ بيهوش، اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ويجهو چوري دوران هٿياربندن هٿان مارجي ويل نوجوان جي خون جو جرڳو: 27 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ * تنگواڻي: سردار محبوب خان بجاراڻي جي سرپئنچي ۾ جرڳو، شاهه محمد جعفري تي الزام ثابت * تنگواڻي: جوابدار ڌر ڏنڊ جي رقم مان 2 لک رپيا ادا ڪري ڇڏيا، رهيل رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي *
  • چيف جسٽس طرفان پي آءِ سي ۾ هنگامن تي افسوس جو اظهار*وڪيل ۽ ڊاڪٽرز معتبر پيشا آهن، اُميد ته مستقبل ۾ به وري نه ٿيندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسه*
  • نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال کي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون: نيب جا نارووال ۾ ڇاپا*
  • اٽارني جنرل انور منصور کي هٽائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست*انور منصور جي عمر 65 سالن کان وڌيڪ آهي: درخوست ۾ صدر، وزيراعظم ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو *

ٽنڊو غلام حيدر واسي اڍائي مهينن کان بجليءَ کان محروم: 4 ڪلاڪن تائين ڌرڻو

ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر ۾ 200 کان مٿي ڳوٺن جي اڍائي مهينن کان بجلي بند هجڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو، حيسڪو تلهار پاران 200 کان مٿي ڳوٺن جي اڍائي مهينن کان بجلي بند ڪئي وئي آهي، طاهر خاصخيلي، حاجي خان چانڊيو، ڪوڙو خان لاشاري ۽ ٻين ڳوٺن جي بجلي اڍائي مهينن کان بند پيل آهي، ڳوٺاڻن پاران خميسو ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ حاجي خان بس اسٽاپ تي احتجاج ڪري حيدرآباد، بدين روڊ 4 ڪلاڪ بند ڪيو ويو، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مسافرن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، ايمرجنسي ۾ مريض کڻي ويندڙ ايمبولينسز ۾ مريض تڙپندا رهيا، ڪافي دير کانپوءِ پوليس انتظاميه سان ڳالهيون ڪري مظاهرين کي خاطري ڪرائڻ بعد روڊ کولرايو.

Bookmark the permalink.