تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

ٽنڊو غلام حيدر مان مينهن جا 80 ڦرڙا هٿ، 4 جوابدار گرفتار

ٽنڊومحمدخان(رپورٽر) ٽنڊو غلام حيدرپوليس مزدا مان مَينهُن جا 80 کان وڌيڪ ڦرڙا هٿ ڪري ورتا، 4 جوابدار گرفتار. پوليس موجب ٻٻري اسٽاپ روڊ تي مزده تي ڇاپو هنيو ويو، جنهن مان مينهن جا 80 کان وڌيڪ ڦرڙا هٿ آيا، جنهن بعد چئن جوابدارن سردار محمد، خالد حسن، محمد عيسيٰ ملاح ۽ حسن قريشي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اهي ڦرڙا ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جي هاءِ ويز وارين هوٽل تي وڪرو ڪرڻ لاءِ نيئا پئي ويا. جن جو گوشت هوٽلن تي ٻاڪرو گوشت ڪري وڪڻيو وڃي ها.

Bookmark the permalink.