تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

ٽنڊو جان محمد ڀرسان هڪ نوجوان ۽ ٻن نينگرن جا لاش هٿ

شاديءَ جي تقريب ۾ جنريٽر هلايو ته دونهين سبب نينگر ۽ نوجوان فوت ٿي ويا: علائقي واسي

ٽنڊو جان محمد (رپورٽ: عبدالخالق خاصخيلي) ٽنڊو جان محمد ڀرسان جنريٽر جي مبينا دونهين ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن نينگرن سوڌو 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڳوٺ ابراهيم آرائين ۾ شاديءَ جي تقريب دوران رات جي وقت ايڪو سائونڊ هلائڻ لاءِ جنريٽر هلايو ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جنريٽر جي دونهين ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب 11 ورهين جو لوڻيو، 14 سالن جي عميشه ۽ 20 ورهين جو ڪئلاش فوت ٿي ويا. گهر ۾ ٻن نينگرن ۽ هڪ نوجوان جا لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيا.

Bookmark the permalink.