تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ٽنڊو الهيار ۾ ڪمند تي فيوزرم ويلٽ جو حملو، فصل سڪي تباهه، کنڊ جي بحران جو خدشو

ڪمند کي لڳل بيماري تي ضابطي لاءِ زرعي تحقيق ڪندڙ اداري هن وقت تائين ڪو به قدم نه کنيو

ٽنڊو ڄام (رپورٽ: مبين مگسي) فيوزرم ويلٽ جو ڪمند تي حملو، ڪمند جوس ۽ کنڊ ٺاهڻ توڙي گاهه جي استعمال جي قابل به نه رهيو، متاثر زمين تي ٻيهر ڪمند جي پوکائي نه ٿي سگهندي، آبادگار پريشان، خبر موجب ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ ڪمند جي فصل کي بيماري لڳي وئي آهي، جنهن ۾ ڪمند سڪڻ شروع ٿئي ٿو، ماهرن موجب فيوزرم ويلٽ نالي بيماري لڳڻ سبب ڪمند نه شگر ملن جي ڪم جو رهي ٿو، نه جوس ڪڍڻ جي ۽ نه ئي وري گاهه جي استعمال جهڙو رهي ٿو. ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب فيوزرم ويلٽ ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جي فصل کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، بيماري جي روڪ ٿام لاءِ زرعي تحقيق ڪندڙ اداري هن وقت تائين ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي، جنهن ڪري آبادگارن ۾ مايوسي ڇائنجي وئي آهي. چيو پيو وڃي ته بيماري سبب شگر ملون هلڻ کان اڳ ئي سنڌ ۾ پوکيل سمورو ڪمند تباھ ٿي ويندو، زرعي ماهرن موجب سنڌ ۾ ڪيلي ۾ لڳل پاناما وائرس کان پوءِ خطرناڪ بيماري ڪمند جي فصل کي تباهه ڪري رهي آهي، ضلعي ٽنڊو الهيار جي يو سي ڌڱاڻو بوزدار ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ ذوالفقار يوسفاڻي جي زرعي زمين تي پوکيل ڪمند جي فصل کي فيوزرم ويلٽ نالي بيماري وڪوڙي وئي آهي، جنهن سبب ڪمند سڪي تباهه ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ فيوزرم ويلٽ جي بيماري ڪمند ۾ پھريون ڀيرو رپورٽ ٿي آهي، جنهن جي تصديق سنڌ زرعي تحقيق اداري جي ماهرن پڻ ڪئي آهي، ماهرن موجب ته جنهن به زمين تي پوکيل ڪمند جي فصل کي فيورزم ويلٽ لڳي آهي، اتي ٻيهر ڪمند نٿو پوکي سگهجي، ڪمند جي فصل ۾ لڳل فيورزم ويلٽ تيزي سان ڪمند کي تباھ ڪري رهي آهي، زرعي ماهرن موجب جيڪڏهن وائرس تي ضابطو نه آندو ويو ته ايندڙ سال کنڊ جو وڏو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. هوڏانهن زميندار پنهنجي زمين ۾ ڳڙ ٺاهڻ لاءِ چيچڙو لڳائي ڇڏيو آهي، جتي بچيل ڪمند مان ڳڙ ٺاهيو پيو وڃي.

Bookmark the permalink.