تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ٽنڊو الهيار ڀرسان عورت پنهنجي ڏير کي قتل ڪري ڇڏيو

ٽنڊو الهيار (ن پ ا) ٽنڊو الهيار ڀرسان ڀاڄائي پنهنجي ڏير کي بندوق جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار عورت کي گرفتار ڪري ورتو. ڳوٺ منو ٿيٻو ۾ جوابدار عورت صغريٰ ٿيٻو پنهنجي ڏير ڪريم بخش ٿيٻو کي بندوق جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو. مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته عورت جو ذهني توازن درست ناهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عورت کي گرفتار آهي، کائنس وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Bookmark the permalink.