تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

ٽنڊو آدم ۾ ڪجهه سال اڳ هندو ناري سان پسند جي شادي ڪندڙ پورهيت جو لاش هٿ: جسم تي تشدد جا نشان

نوجوان فرحان انصاري هڪ ڏينهن اڳ گُم ٿي ويو، ٻئي ڏينهن لاش مليو

پُٽ ڪجهه سال اڳ هندو ڇوڪري برکا سان پسند جي شادي ڪئي هئي: محمد عثمان

ٽنڊوآدم/ڄام نواز علي(ن پ ا) ٽنڊي آدم مان ھڪ ڏينھن پهريان گم ٿيل پورھيت جو تشدد ٿيل لاش ھٿ، وارثن پاران قتل جو شڪ ظاھر، چانھيا پاڙي جي رھواسي 35 ورهين جي پورھيت فرحان انصاري جو لاش ٻيراني ڀرسان ميرا موري وٽان تشدد ٿيل مليو، لاش کي پوليس ٽنڊو آدم اسپتال آندو، مقتول جي پيءُ محمد عثمان انصاري ٻڌايو ته منھجو پٽ گذريل ڏينھن شام جو گھر جو سامان وٺڻ لاءِ نڪتو ۽ واپس نه وريو، اڄ ان جو لاش مليو آهي، هُن وڌيڪ ٻڌايو ته منھجي پٽ ڪجھه سال اڳ برکا نالي ھندو ڇوڪري کي مسلمان ڪري شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس چئن نياڻين جو اولاد آهي، منھنجي پٽ کي قتل ڪيو ويو آھي اسان جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان کي گھٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آھي، مائٽ ڪيس داخل ڪرائيندا ته اسان ڪيس داخل ڪري جاچ ڪنداسين.



Bookmark the permalink.