تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

ٽنڊوڄام ۽ پليجاڻي ڀرسان حادثا: 2 نوجوان چيڀاٽجي فوت

ٽنڊوڄام/پليجاڻي (نمائندن وٽان) ٽنڊو ڄام ۽ پليجاڻي ڀرسان حادثا پيش آيا آهن، نتيجي ۾ 2 نوجوان چيڀاٽجي فوت ٿي ويا آهن، ٽنڊو ڄام ڀرسان تيز رفتار ٽرالر روڊ ڪراس ڪندڙ نوجوان گولو ڪولهي کي چيڀاٽي ڇڏيو، فيض گنج ڀرسان موٽرسائيڪل اُٺ گاڏي سان ٽڪرائجڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو، سندس امڙ زخمي ٿي پئي، فوتي جي لاش ۽ سندس امڙ کي اسپتال پهچايوويو، ٻئي پاسي پليجاڻي ڀرسان لورڙا ڦاٽڪ ڀرسان پٽڙي ڪراس ڪندڙ نوجوان ارجن ڪولهي سر سيد ايڪسپريس جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ ڪهرام مچي ويو.

Bookmark the permalink.