تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

ٽنڊومحمدخان ۾ طلاقيل ناري مبينا طور ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

ٽنڊومحمدخان (ن پ ا) ٽنڊومحمدخان ۾ طلاقيل ناري مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو، ٽنڊوسائينداد پي پي ايڇ آءِ جي ملازمه 35 ورهين جي مسمات نورجهان چانڊيو ٽالپر ڪالوني ۾ گهر اندر ڦاهو کائي زندگي جو انگ آندو، ٽنڊومحمدخان سٽي ٿاڻي جي پوليس آپگهات ڪندڙ عورت جو لاش ڊسٽرڪٽ سول اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه سندس وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته 2 مهينا اڳ طلاق ٿيڻ ڪري ناري پريشانين ۾ مبتلا ٿي وئي هئي. کيس چئن ٻارن جو اولاد آهي. پوليس موجب وارثن ٻڌايو آهي ته ناري گهرو مسئلن سبب ذهني دٻاءُ جو شڪار هئي، جنهن سبب هن انتهائي قدم کنيو. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Bookmark the permalink.