تازا ترين
  • *ڪرونڊي : اڪري چودڳي لڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل همراهه نواب شاهه اسپتال ۾ فوت * گذريل رات دير سان لاريب هوٽل وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ محمد بچل بالادي زخمي ٿي پيو هو *زخمي کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو *
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

ٽنڊومحمدخان ۾ ذهني مريض پٽ ماءُ کي پٿر هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ٽنڊومحمدخان (رپورٽر) ٽنڊومحمدخان ڀرسان افسوسناڪ واقعو ذهني مريض پٽ امڙ کي پٿر هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب شهر جي سعيد پور ٽڪر ڀرسان ڳوٺ سمن ملاح ۾ ذهني مريض پٽ اصغر ملاح پنهنجي 48 ورهين جي امڙ مسمات راستي ملاح کي وزني پٿر مٿي ۾ هڻي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جو اطلاع ملڻ تي تعلقي ٿاڻي جي پوليس عورت جو لاش کڻي سول اسپتال ٽنڊومحمدخان آندو، جتان ضروري ڪاروائي کان پوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس ماءُ کي بيدردي سان قتل ڪندڙ جوابدار اصغر ملاح کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن قتل ٿيندڙ عورت جي مڙس غلام حسين ملاح جو چوڻ آهي ته منهنجي پٽ اصغر ملاح جو دماغي توازن درست ناهي، هن وزني پٿر هڻي پنهنجي ماءُ کي قتل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪريون پيا، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.