تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ٽنڊوالهيار: ڊاڪٽر جو قاتل سندس سئوٽ نڪتو، جوابدار گرفتار

ٽنڊوالهيار(رپورٽر ) ٽنڊوالهيار ويجهو ڪيريا شاخ اسٽاپ وٽ 2 ڏينهن اڳ قتل ٿيل ڊاڪٽر لال چند باگڙي جو قاتل سندس سئوٽ هري رام باگڙي نڪتو، جنهن کانپوءِ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته جوابدار هري رام باگڙي پنهنجي سئوٽ ڊاڪٽر لال چند کي غيرت جي معاملي تان قتل ڪرڻ جو پوليس آڏو بيان ڏنو آهي. واضع رهي ته ڊاڪٽر جي قتل جو ڪيس مقتول جي وارث سيتارام باگڙي جي فرياد تي ناهيون برادري جي 5 ماڻھن مٿان داخل ٿيل آھي، جڏهن ته ايس ايس پي ٽنڊوالهيار جاچ ٽيم جوڙي جنهن ٻن ڏينهن اندر اصل قاتل کي گرفتار ڪري ورتو.

Bookmark the permalink.