تازا ترين
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ٽنڊوالهيار پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ 4 ڦورو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار سي آءِ اي پوليس مبينا مقابلي ۾ چئن ڦورن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي پهتل پوليس پارٽي تي ڦورن سڌي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي، جنهن جي جواب ۾ پوليس به فائرنگ شروع ڪئي ۽ 20 منٽن جي مقابلي بعد 4 ڦورن مير محمد مري، سليم مري، پرويز کوکر ۽ مٺو ڪڇي کي گرفتار ڪيو ويو. ڦورن وٽان ڦر ٿيل 6 موٽر سائيڪلون، 2 ٽي ٽي پسٽل ۽ 2 رائفلون هٿ ڪيون ويون.

Bookmark the permalink.