تازا ترين
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ٽنڊوالهيار ويجهو ڪلينڪ تي حملو، ڊاڪٽر ڪهي قتل، وارثن جو ڌرڻو، هڪ جوابدار گرفتار

ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊو الهيار ويجهو ٽن جوابدارن جو ڪلينڪ تي حملو، هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر تيز ڌار واري اوزار سان ڪهي قتل، باگڙي برادري جو مظاهرو، ڌرڻو، روڊ بند، وارثن الزام هنيو آهي ته ناهيون برادري جي جوابدارن ڏيتي ليتي تان ڊاڪٽر کي قتل ڪيو آهي، 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، هڪ گرفتار. خبر موجب بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪيريا شاخ وٽ ٽن جوابدارن ڪلينڪ تي حملو ڪري 35 سالا ھوميوپيٿڪ ڊاڪٽر لال چند باگڙي کي تيز ڌار واري اوزار سان ڪهي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا. اطلاع تي باگڙي برادري جا سوين مرد ۽ عورتون واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جڏهن ته پوليس پهچي مقتول جو لاش تحويل ُٺڻ بعد سول اسپتال ٽنڊو الهيار منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن واقعي خلاف باگڙي برادري جي سوين عورتن ۽ مردن حيدرآباد روڊ تي ٽائر ساڙي سخت احتجاج ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي. احتجاج ڪندڙ وارثن چيو ته کين پوليس تي اعتماد ناهي، جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن الزام هنيو ته ناهيون برادري جي ماڻھن ڊاڪٽر کي ليتي ڏيتي جي معاملي تان قتل ڪيو آھي، پوليس کي نالا ڏنا آهن پر پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. بعد ۾ ڊي ايس پي سٽي احتجاج ڪندڙ باگڙي برادري سان ڳالهيون ڪري جوابدارن کي جلدگرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. آخري اطلاعن موجب قتل واري واقعي جو بي سيڪشن ٿاڻي تي سيتا رام باگڙي جي فرياد تي ناهيون برادري جي 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس پيرسن حاجي حسن ناهيون کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته 4 جوابدار سجاد، منير، ناصر ۽ يار محمد ناهيون فرار آهن.

Bookmark the permalink.