تازا ترين
  • *ملير ۾ الخدمت اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق*
  • *ڪراچي: حيدرآباد رينج جي 20 کان وڌيڪ انسپيڪٽرز کي پگهارون نه مليون، فاقا ڪاٽڻ تي مجبور*
  • *ميهڙ پوليس جي ڪارروائي: واپاري جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار*
  • *ڀان سيد آباد ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران هڪ شخص مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب فوت*
  • ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن دوران هڪ ڄڻو فوت، ماءُ ۽ پٽ سميت 8 ڄڻا زخمي * سنڌڙي جي علائقي ھڱورنو وٽ اوور لوڊ هئڻ سبب رڪشا ڪلٽي، ڳوٺ مراد علي پھوڙ واسي پورھيت ناريو ڪولھي فوت * ٽنڊو محمد خان-بدين روڊ تي ٻارڻ اسٽاپ ويجهو تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار ٻه نوجوان محمد عامر ۽ ذوالقرنين سخت زخمي * دولتپور صفن ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان رضا حسين ۽ سندس امڙ زينب خاتون زخمي * شاھپورچاڪر ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلز ۾ ٽڪر سبب پيرسن عورت ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا سخت زخمي *
  • *مٺي: 12 ورهين جي نينگر مبينا طور معمولي ڳالهه تان گهروارن سان ناراض ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو * ڳوٺ ڦل ترائي ۾ نينگر مهيش ڀيل مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو *
  • *ڦلهڏيون ۾ رورل هيلٿ سينٽر تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ واريون سهولتون نه ملڻ خلاف ڊاڪٽرز ۽ پي ايم اي طرفان احتجاج*
  • *خيرپور ۾ ملڪيت جي معاملي تان وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل، جوابدار گرفتار*
  • * راڌڻ: روزاني پنھنجي اخبار نئون ڳوٺ جي رپورٽر خورشيد لاکير تي تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او بھرام پنھور خلاف ڪيس داخل *
  • *اسلام ڪوٽ: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي خدشي سبب ڪراچي ۾ فوت ٿيل ڪائونسلر جي گهرن کي پوليس پاران ڪڙو، شهر به بند * گذريل ڏينهن فوتي ڪائونسلر آڪاش منجياڻي جي وارثن اسلام ڪوٽ پهچي غريب شهرين ۾ امدادي سامان ورهايو هو * اسلام ڪوٽ: انتظاميا کي فوتي ۽ سندس گهرڀاتين جي ڪورونا وائرس بابت رپورٽ جو انتظار، رپورٽ اڄ شام ملڻ جو امڪان *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين 42 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا، متاثرن جو انگ 8 لک کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 10 ڏينهن ٿي ويا: ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند*
  • *هن وقت تائين وائرس سبب پنجاب ۾ 9، سنڌ ۾ 8، ڪي پي ۾ 6، بلوچستان ۾ هڪ ۽ گلگلت بلتستان ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا*
  • *ڪورونا وائرس: ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 2040 ٿي ويو*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ هادي بخش ۾ چورن هٿان ڀاڳيو قتل، 4 گهرڀاتي زخمي، ڳوٺاڻن پاران هڪ چور مبينا طور پوليس حوالي * نوراجا لڳ ڳوٺ ۾ 4مبينا چورن مزاحمت تي عبدالطيف ڀٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو * ايس ايڇ او بائيجي ٿاڻو پاران ڪو به چور حوالي ٿيڻ کان انڪار، ڳوٺاڻن جو احتجاج*

ٽنڊوالهيار واسين لاءِ پيئڻ جو پاڻي خواب بڻجي ويو، 55 آر او پلانٽس ناڪارا بڻيل

گندو پاڻي واپرائڻ سبب ڳوٺ ۾ 33 ماڻهو سائيءَ جو بک بڻجڻ باوجود انتظاميا اک نه پٽي

هر آر او پلانٽ تي 40 کان 45 لک رپيا خرچ ڪرڻ باوجود ضلعي جو عوام پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم

ٽنڊوالهيار( رپورٽ: نياز خاصخيلي) ٽنڊوالهيار ضلعي جي 8 لک آباديءَ لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي به خواب بڻجي ويو. ضلعي جي عوام لاءِ صاف پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ لڳرايل ڪروڙين روپين جا آر او پلانٽس انتظامي نااهلي ۽ بي ڌيانيءَ سبب ناڪارا بڻجي ويا، ڪروڙين روپين جي لاڳت سان لڳل 74 آر او پلانٽس مان 55 آر او پلانٽس ڪجهه عرصي کان هڪ خانگي ڪمپني کي ٺيڪي تي ڏيڻ بعد ناڪاره ٿي ويا آهن، جنهن ڪري ضلعي جو عوام گندو پاڻي واپرائڻ سبب مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳو، ڪاري سائيءَ ٽنڊوالهيار ۾ گهر ڪري ويهي رهي، هڪ ئي ڳوٺ ۾ 33 ماڻهو ڪاري سائيءَ جو بک بڻجڻ باوجود انتظاميه اک نه پٽي. مليل ڄاڻ موجب ٽنڊوالهيار ضلعي جي 8 لک آباديءَ کي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميه مختلف هنڌن تي 74 آر او پلانٽس لڳرايا، هر آر او پلانٽ تي 40 کان 45 لک روپيا خرچ ڪري 74 آر او پلانٽ ٺهرائڻ باوجود ضلعي جو عوام پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم بڻيل آهي. جڏهن ته ضلعي انتظاميه ۽ پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي نااهليءَ سبب ضلعي اندر 74 مان 55 آر اوز پلانٽ مڪمل طور تي ناڪاره بڻجي ويا آهن، مشينريون ۽ ٻيو سامان تباهه هئڻ باوجود انتظاميه جي ڪن تي جونءِ به نٿي سُري. جڏهن ته شهرين کي پيئڻ جو صاف مهيا ڪرڻ لاءِ فلٽر پلانٽس ۽ آر او پلانٽس سميت واٽر سپلاءِ جي تلائن تي مشتمل 80 سيڪڙو اسڪيمون غير فعال آهن، پبلڪ هيلٿ جي نااهلي ۽ غفلت سبب واٽر سپلاءِ اسڪيمن جا تلائن ۾ واري اُڏامي رهي آهي. جنهن ڪري شهر جي ٽنڊو سومرو روڊ، قلعي ايريا، مير جو ڳوٺ، سومرا ڪالوني، مدينه ڪالوني، ناگوري پلاٽ، اڪرم ڪالونيءَ سميت ٻين علائقن ۾ پاڻيءَ جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي. جر جو پاڻي کارو هئڻ ڪري ٽنڊوالهيار واسين جي اڪثر آبادي واهن جي پاڻيءَ تي گذر ڪندي آهي، پر واٽر سپلاءِ ۽ فلٽر پلانٽ ناڪاره هئڻ ڪري جهنڊو مري، سنجرچانگ، چمبڙ، مسڻ وارن علائقن ۾ لڳل صاف پاڻي مهيا ڪندڙ آرو پلانٽ بند ٿي وڃڻ ڪري علائقي واسي  کارو پاڻي وپرائڻ تي مجبور آھن، جنهن ڪري ڪاري سائيءَ ۽ ٻيا موذي مرض پکڙجي رهيا آهن. تازو ئي ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ سارنگ هڪڙو ۾ هڪ ئي ڳوٺ جا 33 ماڻهو ڪاري سائيءَ ۾ مبتلا ٿي اجل جو شڪار ٿي ويا، پر ضلعي انتظاميه ان باوجود اک نه پٽي آهي.

Bookmark the permalink.