تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ٽنڊوآدم ۾ پوليس اهلڪار يرغمال، مارڪٽ، گهر ڌڻي گرفتار ۽ آزاد

ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم جي کڏ پاڙي ۾ پير پاڳارا چوڪ تي سٽي ٿاڻي جي اهلڪارن  جيڪي سول ڪپڙن ۾ هئا سفينا جي موجودگيءَ جي اطلاع تي دڪاندار محمد ثاقب آرائين جي پٽ عبدالجبار آرائين جي گهر ۾ داخل ٿي تلاشي وٺڻ شروع ڪئي ته گهر ۾ موجود عورتن، ٻارڙن ۽ مردن مزاحمت شروع ڪري ڏني. ان دوران گوڙ ٿيڻ تي پاڙي وارن جو وڏو انگ پهچي ويو ۽ پوليس اهلڪارن جي گهر ۾ گهڙڻ تي سخت رد عمل جو اظهار ڪندي پوليس اهلڪارن عزيز شر، امداد بليدي، امير بخش عرف سکي منگي کي يرغمال بڻائي ورتو، پوليس اهلڪارن ۽ پاڙيوارن جي منهن ماري بعد هڪ ٻئي جي گلن مان جهلي ورتو اکين ڏٺن شاهدن موجب پاڙيوارن اهلڪارن کي مارڪٽ ڪري گهر اندر يرغمال بڻائي ورتو اطلاع تي سٽي پوليس جي وڌيڪ نفري پهچڻ تي پاڙيوارن پوليس موبائل ۾ موجود اهلڪارن جو پڻ گهيراءُ ڪيو ۽ موبائل کي ڌڪ هنيا بعد ۾ اڳوڻي ڪائونسلر جي مداخلت تي پوليس اهلڪارن ۽ پاڙيوارن وچ ۾ ڳالهيون ٿيون ۽ پوليس گهر ڌڻي ثاقب آرائين کي سٽي ٿاڻي تي آندو جنهن تي پاڙيوارن جي وڏي انگ سٽي ٿاڻي جو گهيراءُ ڪري دڪاندار جي گرفتاريءَ تي احتجاج ڪيو ڪجهه ڪلاڪن بعد پاڙيوارن ۽ پوليس وچ ۾ مامري کي ختم ڪرڻ لاءِ اهو طئي ٿيو ته مامري کي ميڊيا آڏو نه آندو ويندو ان شرط تي گرفتار ثاقب آرائين کي پوليس آزاد ڪيو جنهن ڪري واقعي جو ڪيس به داخل نه ڪيو ويو ٻڌايو پيو وڃي ته سٽي ٿاڻي تي مقرر ايس ايچ او پاران سفينا گٽڪو وڪرو ڪندڙ خلاف هڪ ٽيم ٺاهي آهي جنهن ۾ مبينا طور ريلوي جو گينگ مين عزيز شر ۽ ايس آر پي حيدرآباد جو اهلڪار امير بخش منگي شامل آهن ڄاڻايل ٽيم شهرين لاءِ عذاب بڻيل آهي شهرين، سياسي ۽ سماجي حلقن پاران پوليس جي اهڙي حرڪتن جي مذمت ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.