تازا ترين
  • *لکي غلام شاهه ۾ ٽائون ڪميٽي جا 11 ملازم ڪورونا جو شڪار ٿي ويا *ٽائون ڪميٽي جي 50 ملازمن مان 11 جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *چوھڙجمالي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 10 ٿي ويو *عورت ۽ پوليس اهلڪار سميت 3ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *وارھه ۾ گهر جي بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *سول ڪورٽ ڀرسان بجلي ٺاھيندي نوجوان زاھد چانڊيو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *حيدرآباد: گرڊ اسٽيشن ۾ لڳل بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ فني خرابي سبب4 فيڊرز کي بجلي جي فراهمي بند *اين ٽي ڊي سي انتظاميا کي گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي بابت آگاهه ڪيو آهي: حيسڪو ترجمان *
  • *خانپور: ڊرينيج جو پاڻي قبرستان ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف رهواسين جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون *
  • *پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 4 هزار 762 ماڻهو فوت ٿي چڪا *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 لک 31 هزار 818 ٿي ويو *سنڌ صوبي ۾ 94 هزار 528 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا *
  • *سانگهڙ ضلعي ۾ برساتن سبب سرڪاري گدامن ٻاهران رکيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو *سانگهڙ جي مختلف گدامن ٻاهران 4لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون کليل آسمان هيٺ رکيل آهن*
  • *ڪراچي: احتساب عدالت ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس جي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت شاهد خاقان عباسي کي ريفرنس جي ڪاپي فراهم ڪري ڇڏي *شاهد خاقان عباسي ۽ ارشد مرزا پاران عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل *عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي 5آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *سنڌ روشن پروگرام اسڪينڊل: مراد علي شاهه اڄ نيب آڏو پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي *نيب راولپنڊي وڏي وزير کي 8 جولاءِ تي ٻيهر طلب ڪري ورتو، طلبي نوٽيس جاري: ذريعا *
  • *سکر ۾ ماءُ ڌيءَ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو مينارا روڊ تي لاش رکي ڌرڻو *جوابدار شڪيل سيال ٻٽو قتل ڪرڻ بعد پنھنجي ڀيڻ شاهينه کي وٺي فرار ٿي ويو آهي:مظاهرين *
  • *نوشهروفيروز ۾وڌيڪ 3ڪورونا ڪيس رپورٽ، انگ 349 ٿي ويو *ضلعي ۾ڪورونا جا 176 مريض گهرن ۾آئيسوليٽ ٿيل آهن: ڊي ايڇ او *ضلعي ۾170 مريض صحتياب ٿي ويا آهن: ڊي ايڇ او *

ٽنڊوآدم ميونسپل ۾ ٺيڪن تان تڪرار، ٺيڪا ٻيهر ملتوي

ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ميونسپل ڪميٽي جي ايم ڪيو ايم سان واڳيل چيئرمين اصغر عباسي پاران ويندي ويندي 5 ڪروڙن جا ٽينڊر ڪرائي ڇڏيا آهن جنهن جي ورهاست تان ٺيڪيدارن ۽ ميونسپل انتظاميا ۾ تڪرار هلندڙ آهي 26 جون تي ملتوي ٿيل اڄ 29 جون تي ٽينڊر کولڻ لاءِ ٺيڪيدارن جو وڏو انگ ميونسپل آفيس پهتل هو جڏهن ته چيئرمين اصغر عباسي، انجينيئر اشفاق ٻرڙو ۽ اڪائونٽ آفيسر اعظم ميمڻ منظر تي نه آيا، سي ايم او محمد ابراهيم عمراڻي ۽ ٺيڪيدارن وچ ۾ ڪم ورهائڻ لاءِ ڳالهيون ٿيون نه ٺهڻ تي ٽينڊر ملتوي ڪيا ويا ته ٺيڪيدارن پاران انتظاميا جي اڍنگي رويي ۽ غير قانوني قدمن خلاف ميونسپل چيئرمين جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ٺيڪيدارن آصف رضا چانڊيو، سعيد احمد، عبدالشڪور پنهور ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي الزام مڙهيو ته ميونسپل انتظاميا ٺيڪن ڏيڻ لاءِ 20 سيڪڙو ڪميشن جي گهر ڪرڻ سميت 12 اهم ڪم پاڻ وٽ رکڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي هنن ٻڌايو ته جيڪي 11 ڪم هنن ٽينڊرن ۾ ظاهر ڪيا آهن انهن مان آفيس جي مرمت جو ڪم، صفائي جي ٺيڪي سميت ٻيا ڪم اڳ ئي منظور نظر ماڻهن کي ڏئي ڇڏيا آهن اسان کي رلايو پيو وڃي هي ٻيو ڀيرو ٽينڊر ملتوي ڪيا ويا آهن هنن چيو ته اسان غير قانوني ڪم ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ پنهنجي حق لاءِ عدالت تائين وينداسين.

Bookmark the permalink.