تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

“ٽرانسفارمر تبديل ڪيو” ڪنڊيارو ۾ لقمان ڪالونيءَ واسين جو ڌرڻو

ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو شهر جي لقمان ڪالوني جو سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف محلي واسين پاران هڪ ڪلو ميٽر پيادل ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد سيپڪو آفيس جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ٻه ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب سيپڪو ملازمن جو آفيس مان ٻاهر نڪرڻ جو رستو بند پيل رهيو، مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ منور جمالي سيف سرگاڻي، مقصود علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سندن محلي جو 15 ڏينهن کان ٽرانسفارمر سڙيل آهي بجلي نه هجڻ ڪري محلي واسي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن سيپڪو عملدار ٽرانسفامر تبديل ڪرڻ رشوت طلب ڪري رهيا آهن گذريل ڪيترن ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ٽرانسفارمر تبديل نه پيو ڪيو وڃي، هنن جو چوڻ هو ته سندس ڪالوني شهر جي سٽي ٽو ايڪسپريس فيڊر تي آهي، سٽي ٽو فيڊر ايڪسپريس هجڻ باوجود سيپڪو عملدار هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ڪري ڇڏين ٿا، هنن سيپڪو چيف سکر کان مطالبو ڪيو ته سڙي ويل ٽرانسفامر تبديل ڪرايو وڃي، ان موقعي تي سيپڪو جي عملدارن ايوب اڄڻ، اختر اڄڻ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.

Bookmark the permalink.