تازا ترين
  • *ٺل: ناري آسيا ٻرڙو جو اغوا ڪيس 10ڄڻن خلاف داخل، وارثن ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو *ناري جي ڀاءُ غلام قادر، ڪملو، حيات ٻرڙو سميت 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو *آسيا ٻرڙو کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: مظاهرين *
  • *مٽياري پوليس جي کيبر ڀرسان منشيات فروشي خلاف ڪارروائي، ڳوٺاڻن ۽ اهلڪارن ۾ چڪريون، 3 اهلڪار زخمي، 2 ڳوٺاڻا گرفتار*
  • *وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت ٽاسڪ فورس جو اجلاس *هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جا 58 ڪيس سامهون آيا: اجلاس ۾ بريفنگ *هلندڙ سال سنڌ ۾ 20، ڪي پي ۾ 21، بلوچستان ۾ 14 ۽ پنجاب ۾ 3 ڪيس رپورٽ ٿيا *
  • *ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوليس اھلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ *15 ڏينهن دوران ھڪ ٻئي اھلڪار تي ٽارگيٽ ڪلرز جي فائرنگ *ڪورنگي سيڪٽر پنج ۾ اھلڪار اصغر تي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ ڪري زخمي *واقعي جو آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ايس ايس پي کان رپورٽ طلب *
  • *کپرو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ *سوين آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏيئي کپرو سانگهڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو *
  • *جهول واسي پيرسن ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت *55 ورهين جو ظفر کرل وائرس سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو *
  • *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مقامي منتقلي وارا ڪورونا وائرس جا نوان 29 ڪيس ظاهر *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي طور انگ 172 ٿي ويو *
  • *شهدادپور پوليس پاران شهرين کي گرفتار ڪري لکين رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف *ايس ايس پي سانگهڙ حيدرآباد واسي جي درخواست تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *جٽيا چوڪي انچارج عابد زرداري، مصطفيٰ ڪوري ۽ ذوالفقار چانڊيو ڪوارٽر گهاٽ *
  • *سنجهورو: نامياري محقق، ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي *
  • *قاضي احمد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار حاجي جتوئي ننڊ ستل صوبيا جتوئي تي ڪهاڙين جا وار ڪيا *
  • *ميان صاحب ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ جو الزام *پوليس ڳوٺاڻن جا 25 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، اهلڪارن تي تشدد جا الزام *
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، ننڊ ستل عورت کي گوليون هڻي قتل* ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ هٿياربند رفعت لاشاري تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا *
  • *داد لغاري ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس گوليون هڻي مرڻينگ *سعيد احمد بوزدار کي ويهڪ واري جاءِ تي گولي هنئي وئي، اسپتال منتقل *
  • *ڀريا سٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 7ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *مسافر بس ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۾ فهيم راجپوت، سجاد گوپانگ ۽ ٻيا شامل *
  • *عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا قتل ٿيل جنتا مالهي واري واقعي جو اي آءِ جي حيدرآباد پاران نوٽيس *جنتا مالهي جي وارثن جي اي آءِ جي حيدرآباد سان ملاقات *اي آءِ جي پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم *

ٻڌايو ته اوهان کي ووٽ ڏئي صحيح فيصلو ڪيو هو؟ شوبز فنڪار وزيراعظم تي ڪاوڙيل

مون کي خبر آهي ته ملڪ هلائڻ سولو ناهي، اوهان چوندا هئا ته هي ڪا راڪيٽ سائنس ناهي: فهد مصطفيٰ

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان جتي اپوزيشن طرفان مٿس تنقيد ڪئي پئي وڃي اتي هاڻي شوبز شخصيتن به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب پاڪستاني ڊراما ۽ فلم انڊسٽري جي اداڪار ۽ ميزبان فهد مصطفيٰ مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ تي تازو هڪ ٽوئيٽ ڪيو جنهن ۾ هن وزيراعظم کان سوال ڪيو ته مون کي ٻڌايو ته ڇا مان اوهان کي ووٽ ڏئي صحيح فيصلو ڪيو هو؟ فهد مصطفيٰ وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٽيگ ڪندي چيو ته سر مون کي خبر آهي ته ملڪ هلائڻ سولو ناهي هوندو، جڏهن اوهان اپوزيشن ۾ هئا ته اسان کي مستقل اهو ٻڌائيندا رهيا ته هي ڪا راڪيٽ سائينس ناهي، مون کي ٻڌايو ته ڇا مان اوهان کي ووٽ ڏئي صحيح فيصلو ڪيو هو؟ ٻئي پاسي اداڪار اعجاز اسلم به پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جي حوالي سان ٽوئيٽ ڪندي چيو ته پيٽرول مافيا، پاڻي مافيا، بجلي مافيا، ڪرنسي ۾ گهٽتائي، ڪورونا بحران، شوگر مافيا، اٽو مافيا، بي روزگاري، غربت ۽ ان کانسواءِ گهڻو ڪجهه، تباهي جا 2 سال، هلو ڏسون ٿا ته اڳتي ڇا ٿئي ٿو. اداڪار هارون رشيد به پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته پيٽرول پمپس ۽ ڪمپنين کي خبر هئي ته ائين ٿيندو ان لاءِ هنن ذخيره اندوزي ڪئي هئي. اداڪار وزيراعظم عمران خان کي ٽيگ ڪندي وڌيڪ چيو ته ان جو مطلب اهو آهي ته جڏهن پيٽرول جي قيمت 74 هئي ته حڪومت ان جي ترسيل ۾ ناڪام ٿي اسان کي جواب گهرجي. ان حوالي سان وينا ملڪ به ٽوئيٽ ڪيو ۽ لکيو ته خان صاحب عوام پڇي رهيو آهي ته هاڻي ٿورو گهٻرائي وٺون؟ خيال رهي ته وزيراعظم عمران خان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري منظور ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ناڻي وزارت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. پيٽرول جي اگهه ۾ 25 رپيا في ليٽر تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

Bookmark the permalink.