تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ٻٽي شهريت رکندڙن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت: سينيٽ اليڪشن ۾ ڳجهي راءِ شماري ختم ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا جنسي زيادتي جي ڏوهارين کي سخت سزائون ڏيڻ لاءِ قانون سازي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ملڪي سياسي و معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ موٽر وي واقعو به بحث هيٺ آيو. ذريعن موجب ڪابينا ميمبرن جنسي زيادتي جي ڏوهارين کي سنگين سزائون ڏيڻ لاءِ قانون سازي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ميمبرن چيو ته جنسي زيادتي جي ڪيسن ۾ جوابدارن کي سخت ۽ فوري سزائون ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان چيو ته اهڙا ڏوهاري ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن. جڏهن ته وفاقي ڪابينا ٻٽي شهريت وارن کي اليڪشن وڙهڻ جو حق ڏيڻ ۽ سينيٽ اليڪشن ۾ ڳجهي راءِ شماري ختم ڪرڻ لاءِ آئيني ترميمي بل جي به منظوري ڏئي ڇڏي. ان کانسواءِ شڪي پائلٽس جي لائسنس کي رد ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، مليرياجون دوائون ڪلوروڪوئن ۽ هائڊروڪسي ڪلوروڪوئن جي برآمد تان پابندي ختم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، حڪومت پکين، جانورن، گوشت، کير جي شين جي درآمد تان به پابندي ختم ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.