تازا ترين
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ٻيلي ۾ هزارين ايڪڙ ايراضي سيراب ڪندڙ راڄ واهه شاخ ۾ گاهه ۽ گندگي، پاڻي وهڪرو متاثر

دڙو مائنر مان نڪرندڙ شاخ جي آبپاشي عملي سار نه لڌي، ڪيترائي داروغا ۽ بيلدار گھر ويهي پگھارون کڻڻ لڳا

شاخ جي وچ ۾ گندگي جا ڍير، ول وارو گاهه ڦٽي ويو، ديوين جا وڻ بيٺل هجڻ ڪري پاڻي جو وهڪرو نه هئڻ برابر

ٻيلو شھر(رپورٽ: پريل گهوٽو) ٻيلو جي دڙو بئراج مان نڪرندڙ 2000 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين سيراب ڪندڙ راڄ واھ شاخ جي حالت خراب ٿي وئي آهي، واھ ۾ گندگي جا ڍير پيل آهن، جڏهن ته شاخ ۾ پاڻي بدران ول وارو گاھ ۽ ديوين جا وڻ بيٺل آهن، جنهن ڪري پاڻي جو وهڪرو سخت متاثر ٿئي ٿو ۽ هزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آهي، جنهن ڪري علائقي واسين جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن. آبپاشي کاتي به شاخ جي ڪا سار نه لڌي آهي. آبپاشي کاتي پاران مقرر ڪيل داروغا ۽ بيلدار گهر ويٺي پگهار کڻڻ لڳا آهن. شاخ تي ديھه ڪوٽ عالمون، ديھه رانٽا، ديھه کيرسر جون هزارين ايڪڙ زمينون آباد ٿين ٿيون پر گذريل 10 سالن کان شاخ جي ڪابه کاٽي يا صفائي نه ٿي آهي، جنهن ڪري واھ ۾ پاڻي وهڻ بدران ول وارو گاھ ۽ مختلف قسمن جا وڻ ڦٽي ويا آهن. پوڇڙ جون زميون آباد ٿيڻ بدران بنجر ٿيڻ لڳيون آهن. آبادگارن حسين بخش رانٽو، متارو جاکرو، ڦل جاکرو، الهڏنو مهندرو ۽ ٻين ٻڌايو ته راڄ واھ شاخ جي بري حالت آھي، سالن کان ڪابه کاٽي نه ٿي آھي، نه ڪا صفائي ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته ٽن کان چار ديهن جي هزارين ايڪڙن کي آباد ڪندڙ واھ جي ايريگيشن کاتي ڪابه سار ناهي لڌي. جلد واھ جي کاٽي ۽ صفائي ڪرائي وڃي.

Bookmark the permalink.