تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ٻيلو جو قديم ڳوٺ صديق سهتو اڃا تائين برساتي پاڻي ۾ ٻڏل

ٻيلو شهر(ن پ ا) ٻيلو جو قديم ڳوٺ صديق سهتو اڃا تائين برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، 20 ڏينهن گذرڻ باوجود ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگيو آهي. ان ڏس ۾ يونين ڪائونسل ٻيلو جو 100 گهرن تي مشتمل قديمي ڳوٺ صديق سهتو اڃا به برساتي پاڻي ۾ ٻڏل ڳوٺ ۾ ٽي کان چار فوٽ پاڻي بيٺل هئڻ ڪري ڳوٺاڻا سخت مشڪلاتن جو شڪار آھن، گهر ڊھي پٽ پوڻ ڪري ڪيترائي ڳوٺاڻا کلي آسمان هيٺ ويٺل آھن، جڏهن ته گهرن ۾ پاڻي بيٺل هئڻ سان گڏ شهرن طرف ويندڙ ڪچا رستا پاڻي ۾ ٻڏل آھن. رهواسين جو مختلف ڪمن ڪارين ۽ بيمارين جي سلسلي ۾ شھرن طرف وڃڻ مشڪل بڻيل آھي. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ ٻيڙي جو بندوبست ڪيو آھي، جنهن وسيلي ڳوٺاڻا بيمارين توڙي ڪم ڪارين لاءِ شھرن طرف وڃن ٿا، جڏهن ته ڳوٺ جي چوطرف پوکيل ساريون ۽ ٻيا فصل سڙي رک ٿي ويا آھن، جنهن سبب آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي. ڳوٺاڻن جي زندگي مڪمل طور تي مفلوج بڻيل آھي. مجبور ٿي ڪيترائي ڳوٺاڻا ڳوٺ مان لڏي مختلف هنڌن طرف هليا ويا آھن. ڳوٺاڻن احمد سهتو ، سڪندر، آدم سومار، مير سهتو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ ٽي کان چار فوٽ برسات جو گندو پاڻي بيٺل آھي، اسان سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آھيون. ڪيترائي گهر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن هنن چيو ته زمينون برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي سڙي ويون آھن هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي مالي سهائتا ڪري اسان کي تنبو ڏنا وڃن، جيئن اسين ڪنهن مٿانهين هنڌ تي منتقل ٿيون. هتي رهڻ اسان لاءِ عذاب کان گهٽ ناهي .

Bookmark the permalink.