تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ٻهارا ويجھو ڪسٽم جي گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت

ميرپور ساڪرو (ن پ ا)ٻھارا لڳ ڪسٽم اھلڪارن جي گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو فوت ۽ ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيپ. گبول اسٽاپ ويجهو ڪسٽم اھلڪارن جي گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو، 38 ورھين جو يقعوب ڪڙمون فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس سئوٽ رفيق ڪڙمون سخت زخمي ٿيو پيو، جنھن کي تعلقي اسپتال شيخ زيڊ ميڊيڪل سينٽر ميرپور ساڪري آندو ويو، جتان کيس نازڪ حالت ۾ ڪراچي نيو ويو آهي، جڏهن ته فوتي نوجوان جو تعلق ٻگھاڻ جي ڳوٺ ناٿو ڪڙمون سان آهي. ھوڏانھن ٻھارا پوليس موجب حادثي جي اطلاع تي پھچي ڪسٽم جي گاڏي ۽ موٽرسائيڪل کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

Bookmark the permalink.