تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ويجهو گرمي جي سٽ نه سهندي پورهيت فوت ٿي ويو *ڳوٺ انب پور واسي 35ورهين جو نياز علي جوڳي گرمي سبب فوت ٿي ويو *نياز علي گهر ۾ ويٺو هو، اوچتو گرمي جون دانهون ڪرڻ بعد فوت ٿي ويو: وارث *
  • *دوڙ ۾ 11 عورتن سميت وڌيڪ 18ڄڻا ڪورونا جو شڪار، متاثرن جو انگ 86 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن *
  • *دادو مان شاگرد ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم *نائين ڪلاس جو شاگرد مير ماجد پنهور ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم، ڳولا باوجود ڏس پتو نه پيو *خميس جي ڏينهن کان ڀاءُ گم آهي: خالد پنهور *
  • *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ٻيهر ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا *تازو برسات کانپوءِ ڦٽل گاهه ماڪڙ کائي چٽ ڪري ڇڏيو، ڏڪار متاثر ماروئڙا پريشان *
  • *حيدرآباد: احساس ڪفالت پروگرام جي رقم سينٽر بدران فصل ۾ ڏيڻ وارو معاملو، عملدارن نوٽيس ورتو *ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ احساس پروگرام جي عملدارن نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم جاري *هوسڙي ۾ قائم سينٽر جي ايجنٽ 1000 رپيا ڪٽوتي ڪري مستحق ماڻهن کي رقم ڏني *
  • *واهي پانڌي: نئن نلي تي ڊيم ٺاهڻ خلاف جمالي ۽ شاهاڻي برادري پاران احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مظاهرين اسپتال کان گورک چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو،ڇتي نعريبازي *نئن نلي جي قدرتي وهڪري تي سمال ڊيم ٺهڻ سان زمينون بنجر ٿي وينديون: مظاهرين *
  • *خيرپورناٿن شاهه ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڪريم داد لنڊ واسي ساجد جمالي گهر اندر مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو *
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

ماٿيلي مان اغوا ڄاڻايل 2 ڀينرون ۽ سندن ڀاءُ گهر پهچي ويا: نارين پاران لڄالٽ جو الزام

اسد ۽ گلزار اڄڻ لڄالٽ بعد ڀاءُ سوڌو وڪرو ڪيو: سپنا/ سونيا ڀٽي

ميرپورماٿيلو(رپورٽ: برڪت ميراڻي ) ٻن مهينن کان مبينا طور اغوا ڄاڻايل ميرپورماٿيلو واسي 2 ڀينرون ۽ سندن ڀاءُ اوچتو گهر پهچي ويا، نارين دانهيو آهي ته اغوا بعد کين لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو. بسم الله ڪالوني جون رهواسي ڀينرون سپنا ڀٽي، سونيا ڀٽي ۽ سندن ڀاءُ عرفان علي پهتا، جنهن بعد ٻيلو ميرپور ٿاڻي تي پهچي هنن الزام هنيو ته کين گلزار اڄڻ ۽ اسد اڄڻ ساٿين سان گڏجي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو. نارين دانهيو ته اغوا بعد هڪ هفتي تائين کين لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو، جنهن بعد کين ڀاءُ سوڌو اڻڄاتل ماڻهن وٽ وڪرو ڪيو ويو. جن قيد ڪري رکيو. هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان اتان وجهه وٺي ڀڄي نڪتاسين ۽ پوءِ گهر پهتاسين. رابطو ڪرڻ ايس ايڇ او ٻيلو ميرپور منصور علي ٻڌايو ته بازياب ٿيل ڀينرن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو آهي، کين ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جتي هنن ماءُ سان گڏ وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، عدالت کين ماءُ حوالي ڪيو. ياد رھي ته نارين ۽ سندن ڀاءُ جي اغوا جو ڪيس سندن ماءُ منظوران ڀٽي جي فرياد تي ٻيلو ميرپور ٿاڻي تي اسد اڄڻ ۽ گلزار اڄڻ مٿان داخل ڪيو ويو ھو.

Bookmark the permalink.