تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ٻاهر سڱ ڏيڻ تي پلاند جو چتاءُ، سرڪين کي سڱ ڏيڻ تي برادري ۾ تيش آهي: شجاع پنهور

جيڪب آباد(رپورٽ :عبدالغني کوسو) جيڪب آباد جي پنھور سرداري گھراڻي ۾ سڱ معاملو شدت اختيار ڪري ويو آهي مير منظور خان پنهور جي سئوٽن مڱ سرڪي برادري کي ڏيڻ تي جيڪب آباد جي آدم سراءِ تي منظور پنھور جي سئوٽ اصغر پنھور جي پٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شجاءُالله پنھور ڪٺ ڪوٺائي ورتو آهي، جنهن ۾ سيوھڻ، دادو، ميھڙ ۽ بلوچستان مان پنھور برادري جي چڱن مڙسن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي آهي، ڪٺ ۾ پنھور برادري پاران سردار منظور خان پنهور پاران شجاءُالله پنهور کي ڏنل نياڻي ڊاڪٽر سھراب سرڪي جي پٽ محسن سرڪي کي راتون رات نڪاح ڪري ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ان موقعي تي برادري جي ڪوٺايل ڪٺ کي شجاع الله پنھور خطاب ڪندي چيو ته سردار اگر پاڻ سڱ جي پاسداري نه ڪن باقي راڄ کي سڱ جي معاملي تي خوني ويڙھاند ڪرائن اھو عمل بھتر ناهي اگر سردار اگر پاڻ سڱ جي مامري جي پاسداري نه ٿا ڪن ته پھريان انھن کي سزا ملڻ گهرجي ڇو ته سردار سڱ جي معاملي تي برداري ۾ جنگ ڪرائڻ جا ذميوار آھن اگر ھاڻ به تڪرار وڌي وڃي ٿو ته ان ۾ غريب ۽ اٻوجھ ماڻھو مارجي ويندا سردارن کي ڪجهه نه ٿيندو، منظور خان پنهور راتورات مڱيل سڱ سرڪين کي ڏني آهي ان جو سزا به منظور پنھور کي ملڻ گهرجي ھن چيو مون کي ڏنل مڱ سرڪين کي ڏني وئي آهي ان جا نتيجا ڳرا نڪرندا ٻه ڏھاڪا اڳ به سرڪي ۽ پنھور برادري ۾ سڱ جي معاملي تي خوني تڪرار شروع ٿيو ھو جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جا ٻارنھن ماڻهو قتل ٿي ويا ھئا تاريخ وري ورجاءُ ڪرڻ طرف وڃي رھيو آھي وچون رستو نه ڪڍيو ويو ته پلاند تائين ڳالھ پھچي ويندي، پنھور برادري جي ڪوٺايل ڪٺ بعد پي ٽي آءِ اڳواڻ شجاءُالله پنھور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻاھر مڱ ڏيڻ تي برادري تيش ۾ آھي براردي پاران ڪٺ ڪوٺايو ويو منهنجو والد صاحب مير اصغر پنھور شھر کان ٻاهر ھو ان لاءِ آئون ڪٺ ۾ شريڪ ٿيو آهيان، ھن چيو ته سنڌي ۾ پراڻي چوڻي آهي ته ٻني ۽ وني معاملو غيرت جو آھي آئون بابا سائين جي حڪم موجب ھلندو رھندس ان جو جيڪو به حڪم ٿيو ته ان کي لبيڪ ڪيو ويندو باقي اسان سرداري پڳ جي پٽيان ناهيون راڄ جو فيصلو اکين تي ھوندو آئون راڄ کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيان، ان سلسلي ۾ مير منظور خان پنهور جي پٽ اڳوڻو ايم پي اي اورنگزيب خان پنھور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو اسان ٺاھ طرف وڃي رهيا آهيون جلد ٺاھ ٿي ويندو وڌيڪ موقف ڏيڻ نه ٿو چاهيان، ان سلسلي ۾ ايم پي اي ڊاڪٽر سھراب سرڪي جي ڀاءُ سرڪي برادري جي سردار ذوالفقار خان سرڪي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مير اصغر خان پنهور اسان جو وڏو آھي اسان پاڻ ۾ ھڪ آھيون جلد ٺاھ ٿي ويندو ميڊيا وارا اسان جي معاملي جي وچ ۾ نه اچن

Bookmark the permalink.