تازا ترين
  • *ڊپٽي ڪمشنر ملير پاران چئن مهينن کان گلشن حديد ۾ لڳايل لاڪ ڊائون هڪ هفتي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو *ڊي سي ملير ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ واپاري اڳواڻن سان ڳالهين بعد اهڙو فيصلو ڪيو *ڪورونا ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون ڪيو ويندو: ڊي سي ملير *
  • *لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڳوٺ نهال واسين بااثرن خلاف جناح باغ چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو *بااثر گهر ۾ گهڙي عورتن تي وحشياڻو تشدد ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي: مظاهرين *
  • *نواب ولي محمد ويجهو وونئڻن جي فصل کي اسپري ڪرڻ دورن بيهوش ٿي ويل نينگر دم ڏئي ڇڏيو *ڳوٺ حسين بخش چانڊيو ۾10 ڏينهن اڳ نينگر عمران چانڊيو فصل کي اسپري دوران بيهوش ٿي ويو هو *نينگر اڄ نوابشاهه اسپتال ۾ دم ڏنو*
  • *مٽياري: عدالت پاران محب کوسو قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد *جوابدار علي محمد کوسو ۽ خان محمد کوسو عدالت ۾ وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي *2019 ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران محب کوسو مارجي ويو هو *مقتول جي ڌيءُ عائشه کوسو جي فرياد تي نيو سعيدآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو*
  • *سڪرنڊ ۾ آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف ايريگيشن آفيس اڳيان ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون*
  • *سنڌڙي: هوٽل مان هڪ شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *مگسي ھوٽل مان پيرونمل واسي 50ورھين جي شاھنواز ڳاھو جو لاش هٿ *
  • *ٽنڊوغلام علي ويجهو نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ديھه واڳھريجي ۾ 26 ورهين جي اشوڪ پٽ اجمل ٺاڪر بيماري کان تنگ اچي زندگي جو ڏيئو اجهايو*
  • *مٺياڻي رورل هيلٿ سينٽر جون 4 ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪورونا جو شڪار *ڪورونا ۾ مبتلا ليڊي هيلٿ ورڪرز کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو *مٺياڻي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو*
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 50ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ 850 ٿي ويو*
  • *ڪوٽ غلام محمد ۾ چوپائي مال جي پڙي لڳائي وئي، مالوندن ۽ واپارين جي پيهه *مال پڙي تي سوين مالوند ۽ واپاري پهچي ويا، سماجي وٿي وارا اصول نظرانداز*
  • *ڪشمور ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 26 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 489 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ 169ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا هئا، 26ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي: فوڪل پرسن*
  • *ڪرمپور :ڳوٺ عمران خان بجاراڻي وٽ نصير شاخ کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل ۽ ٻيجارو پاڻي هيٺ اچي ويو *اطلاع باجود آبپاشي عملو نه پهتو،ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رُڌل *
  • *ڪراچي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن جي صدر جو ڪمشنر ڪراچي کي چئلينج *کير جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس نه ورتو آهي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن صدر *دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سُپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي مينهون بيهاري ڇڏينداسين: شاڪر عمر گجر*
  • *جوهي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *پڇڙي جي آبادگارن هڪ ڪلو ميٽر ريلي ڪڍڻ بعد علامتي بک هڙتال تي ويهي رهيا *
  • *ڄامشورو ۾ وڌيڪ 17ڪورونا جا ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي 865ٿي ويو *گذريل ڏينھن 113ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 17 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *متاثرن ۾ مانجھند، ٿاڻوبولاخان واسي ۽ ڪوٽڙي جا رهواسي شامل آھن *

ٻارڙيءَ کي سنگسار ڪرڻ ۽ جرڳي جي ثابتي ناهي ملي: سنڌ سرڪار

ٻارڙي جي والد پٿر لڳڻ سبب فوتگي جوبيان ڏنو: پيش امام گرفتار آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت شروعاتي جاچ ۾ جوهي واقعي جي ترديد ڪندي، نينگري کي سنگسار ڪرڻ توڙي جرڳي بابت ڪي به ثابتيون نه ملڻ جو موقف اختيار ڪري ورتو آهي، سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري وزير سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ضلعي دادو جي هڪ ڳوٺ ۾ پيش اچڻ واري ڪارو ڪاري جي اڻوڻندڙ واقعي جو نوٽس وٺندي پوليس کي واقعي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، مبينه قتل ڪيل 11 سالن جي ڇوڪري جي والدين ۽ سندس جنازي نماز پڙهائيندڙ پيش امام کي پوليس گرفتار ڪيو آهي. ابتدائي جاچ موجب ڪارو ڪاري جون شاهديون نه مليون آهن ۽ نه ئي وري جرڳي يا سنگسار ڪرڻ متعلق ٿابتي ملي آهي. جڏهن ته نينگري جي والد جي بيان موجب جابلو جڳهه تان ڪرڻ کانپوءِ پٿر لڳڻ سبب ٻارڙي فوت ٿي وئي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ جرڳي متعلق ڪي شاهديون آهن ته هو سنڌ حڪومت سان رابطو ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته قبر ڪشائي متعلق عدالتي حڪمن موجب عمل ڪرايو ويندو. ان سلسلي ۾ پوليس سيشن جج کي ميڊيڪل آفيسر ۽ عدالت جو لاڳاپيل عملو مقرر ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه سان رابطو ڪري واقعي جي مڪمل جاچ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي اهو اختيار حاصل آهي ته اها صوبي ۾ جنهن به قسم جو بلدياتي نظام نافذ ڪرڻ چاهي ته اها ڪري سگهي ٿي. تحريڪ انصاف جي حڪومت چاهي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ پنهنجي مرضي جو بلدياتي نظام آڻي سگهي ٿي، ايم ڪيو ايم جي طرز سياست تي گفتگو ڪندي سعيد غني جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جنهن به حڪومت جي اتحادي هوندي آهي، اها چاهيندي آهي ته حڪومت هميشه مسئلن جو شڪار هجي ته جيئن سندن معاملا حل ٿيندا رهن.

Bookmark the permalink.