تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ٻارن ۽ عورتن سان زيادتي ڪندڙن کي نامرد ڪرڻ جي تجويز: جوابدارن کي سرعام ڦاهي جو حامي آهيان: عمران

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ لڄالٽ ۽ ٻارن سان زيادتي ڪندڙ ڏوهارين کي نامرد ڪرڻ جو حامي آهيان، ان سلسلي ۾ قانونسازي جي ضرورت آهي. قتل جيان قانون ۾ جنسي ڏوهن جي به درجا بندي هجڻ گهرجي ۽ ريپ ڪندڙ ڏوهارين کي جنسي طور ناڪارا بڻائڻ گهرجي. نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته لاهور موٽر وي لڄالٽ واقعي سڄي قوم کي لوڏي ڇڏيو آهي، واقعي جو هڪ ڏوهاري ماضي ۾ به گينگ ريپ ۾ ملوث رهي چڪو آهي ۽ اهڙن ماڻهن کي منهن ڏيڻ لاءِ نئين قانونسازي جي ضرورت آهي. هن چيو ته ريپ جي معاملي ۾ فرسٽ ڊگري جو ڏوهه ڪندڙن کي آپريشن يا ڪيميائي طريقي سان نامرد ڪرڻ گهرجي. مون پڙهيو آهي ته اها سزا دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ ڏني پئي وڃي. هن چيو ته جڏهن اقتدار سنڀاليو ته جنسي ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جي حق ۾ هيس پر مون کي صلاح ڏني وئي ته ائين ڪرڻ سان عالمي رد عمل اچي سگهي ٿو ۽ يورپي يونين کان مليل عالمي واپار جي اجازت معطل ٿي ويندي. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ اهڙن ماڻهن کي چوڪ تي لٽڪائڻ گهرجي، اهڙن ماڻهن جي نگراني ڪرڻ گهرجي، تازي واقعي ۾ هڪ جوابدار اڳ ۾ به اهڙن واقعن ۾ ملوث رهيو هو ان لاءِ اهڙي قانونسازي ضروري آهي. اهڙا جوابدار پوليس وٽ رجسٽر هجڻ گهرجن، هن چيو ته اقتدار ۾ آياسين ته آءِ جيز ٻڌايو جنسي ڏوهه وڌي رهيا آهن، معاملو رڳو پوليس ۾ نه پر سڄو معاشرو گندگي ۾ ڀريل آهي، معاشري ۾ فحاشي سببن خانداني سسٽم ٽٽي پيو آهي. هن چيو ته عوام اسان کان اهو پڇندو ته اسان کي ڪيترو تحفظ ڏنو اهو نه پڇندو ته ڪيترا آءِ جي تبديل ڪيا. هن چيو ته اهو ته چيو وڃي ٿو ته سي سي پي او لاهور کي هٽايو وڃي پر اهو نه ٿو ڏٺو وڃي ته کيس اسان ڇو آندو آهي، اها ضرورت ان ڪري پئي ته لاهور ۾ پوليس هيٺين سطح تي قبضا گروپن سان مليل آهي، قبضا گروپ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ شخص کي قتل به ڪري ڇڏي ۽ ان قتل جي پوليس کي خبر هئي. هن چيو ته جيل مان آزاد ٿيل جوابدارن کي رجسٽر نه ٿو ڪيو وڃي، فحاشي آندي وڃي ٿي ته ان سان جنسي ڏوهه وڌندا آهن، اسان کي هالي ووڊ بدران اسلامي ڊرامن کي پروموٽ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پنجاب جي پوليس ۽ ڪامورا شاهي ڪرپٽ ٿي چڪي آهي، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ڪرپٽ ناهي، هو ڏکي حڪومت هلائي رهيو آهي، عمران خان چيو ته حمزه شهباز چونڊي چونڊي پنهنجا ايس ايچ او لڳرايا هئا، عثمان بوزدار جي ڪمزوري آهي ته هو ميڊيا کي منهن نه ٿو ڏئي سگهجي. هو شهباز شريف جيان پنهنجي مشهوري تي ڪروڙين رپيا خرچ ناهي ڪندو، بدقسمتي سان اسان جا ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي وڏووزير بڻجن ٿا. هن چيو ته پنجاب ۾ چيف ايگزيڪيوٽو به بدلايا آهن، تبديليون اچي رهيون آهن ۽ اڳتي به ٿينديون. هن چيو ته آئون چئلينج ٿو ڪريان ته منهنجي ڪابينا ۾ ڪنهن به ڪرپشن ناهي ڪئي، هيٺين سطح تي ڪرپشن جون پاڙون کتل آهن، اي گورننس طرف وينداسين ته هيٺين سطح جي ڪرپشن به ختم ٿيندي. جڏهن وزير ڪرپشن ڪندا آهن ته ادارا تباهه ٿيندا آهن. عمران خان اپوزيشن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اڄ اپوزيشن وارا سڀ مولانا جي ڪنٽينر تي بيٺل آهن، ڪنهن به صورت ۾ اين آر او نه ڏيندس، نوازشريف هتي هو ته ڊاڪٽر چون پيا بچڻ جي اميد ناهي پر هاڻ هو لنڊن ۾ گهمي ڦري رهيو آهي، هن اعتراف ڪيو ته حڪومت کي آءِ ايم ايف وٽ جلدي وڃڻ گهرجي ها. هن ڪراچي بابت چيو ته اسان گذريل مڪاني ادارن جو نظام پڙهيو آهي، نئون مڪاني نظام بهتر هوندو جنهن سان ملڪ بدلجي ويندو، ڪراچي جي ماڻهن کي آدمشماري تي خدشا درست آهن، آدمشماري تي شڪ ٺيڪ آهي پر هي وقت نه آهي پهرين هجڻ گهرجي ها، هن وقت ڪراچي جون ضرورتون ڪجهه ٻيون آهن. اهڙو مڪاني نظام آڻينداسين جنهن ۾ ميئر سڌو چونڊيو ويندو، ڪراچي رڳو سنڌجو نه پر پوري پاڪستان جو شهر آهي، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ جيڪو نئون نظام اچي رهيو آهي اهو تمام بهتر هوندو، جڏهن شهر کي ملڪ جيان هلايو ويندو تڏهن ئي بهتري ايندي. هن چيو ته نئين مڪاني نظام ۾ پئسو سڌو ڳوٺن ۾ ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪراچي لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي آهي جنهن ۾ سمورا اسٽيڪ هولڊر آهن. ڪاميٽي ٽن سالن ۾ سمورا منصوبا پورا ڪندي، ڪراچي جو پنهنجو سسٽم نه آهي ڪراچي کي ٺيڪ ڪرڻ تمام ضروري آهي. وسيلا سنڌ وٽ آهن خبر ناهي ته سنڌ حڪومت جا وفاق سان ڪهڙا مسئلا آهن.
اسلام آباد: حڪومت زيادتي جي جوابدارن جي جنسي صلاحيت ختم ڪرڻ لاءِ قانون آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب وزير اعظم عمران خان جنسي زيادتي جي ڏوهارين جي جنسي صلاحيت ختم ڪرڻ لاءِ قانون آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ قانوني ٽيم بل جي مسودي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، بل ۾ جنسي زيادتي جي جوابدارن کي نامرد ڪرڻ جي سزا تجويز ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.