تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

ٻارن کان جبري پورهيو ڪرائڻ جو هڪ ڪيس به ناهي آيو: سعيد غني جي دعويٰ

ڪراچي: ليبر کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ليبر کاتي کي ٻارن کان جبري پورهيو وٺڻ بابت هڪ به شڪايت موصول ناهي ٿي، تنهنڪري اسان ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ليبر کاتي جي سوالن جا جواب ڏيندي سعيد غني چيو ته 18 هين ترميم بعد اسان ٻارن کان جبري پورهيو وٺڻ خلاف قانون ٺاهيو آهي ان قانون کان اڳ سنڌ پوليس وٽ جيڪڏهن ڪا شڪايت ايندي هئي ته هو مختلف قانونن تحت قدم کڻندي هئي پر جڏهن کان هي کاتو صوبي کي مليو آهي، سنڌ پهريون صوبو آهي جنهن ٻارن کان جبري پورهئي خلاف قانون ٺاهيو آهي، هن چيو ته آئون ايئن نه ٿو چوان ته ٻارن کان جبري پورهيو نه پيو ورتو وڃي پر اسان وٽ هن وقت تائين شڪايت ناهي آئي. ان دوران ايم پي اي نصرت سحر عباسي ۽ رابعه افضر سعيد غني جي اهڙي بيان تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته انساني حقن جي تنظمين جون هر سال رپورٽون اچن ٿيون ته هر سال ڪيترن ئي ٻارن کان جبري پورهيو ورتو پيو وڃي، سنڌ حڪومت کي ڪا شڪايت ڇو ناهي ملي. ان کان اڳ مختلف سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪو ڪنهن فيڪٽري جو ملازم آهي ته 3 سال نوڪري، شادي شده هجڻ، اي او بي آءِ يا سيسي وٽ رجسٽرڊ ٿيل هجي ان پورهيت کي گهر ڏنو ويندو، گهر ۽ فليٽن جون قيمتون مختلف رهيون آهن، اسڪيمون 1975 کان شروع ٿيون، هن چيو ته سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ اوڳاڙي پاڻ شروع ڪئي آهي ان تحت خانگي، سرڪاري زمين به خريد ڪئي وئي آهي. سکر ليبر کاتي جا فليٽ تيار آهن، ڪجهه مهينن ۾ مزدورن حوالي ڪيا ويندا، فوتي پورهيتن جي وارثن کي هڪ سال اندر اپلاءِ ڪرڻ ضروري آهي، شادي لاءِ هڪ لک، فوتي لاءِ 5 لک، اسڪالر شپ لاءِ فنڊ ڪيٽگري تحت ڏنا ويندا آهن، ڊاڪٽر يا انجنيئر لاءِ ڪيترو به خرچ اچي برداشت ڪندا آهيون. سعيد غني وڌيڪ چيو ته اسان اهو نه چيو ته ٻار پورهيو نه ٿا ڪن، ميمبر پاڻ ڪڏهن ليبر کاتي کي شڪايت ڪئي؟ ان حوالي سان قانون ٺاهيو آهي.

Bookmark the permalink.