تازا ترين
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

ٺڪراٺي ڀرسان پراڻي سڱاوتي معاملي تان جھيڙو تشدد، 2 زخمي

ٺڪراٺو(ن پ ا) ٺڪراٺي ڀرسان ڳوٺ روپهر ۾ لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي سڱاوتي معاملي جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب پيرسن پھلوان لغاري ۽ سندس ڌيءُ اربيلي لغاري زخمي ٿي پئي، مبارڪپور پوليس پيرسن ۽ سندس ڌيءُ کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪري ڇڏيو، پيرسن پهلوان لغاري جو چوڻ آھي ته الياس لغاري وارن سان سڱاوتي مامرو هلندڙ آھي جن اسان جي گھر مٿان حملو ڪري تشدد ڪري زخمي ڪيو آھي حملي ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ڌر سان رابطي جو ڪوشش باوجود ساڻن رابطو نه ٿي سگهيو هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي مبارڪپور پوليس ٻڌايو ته ڌرين ۾ ڪجھه وقت کان اڻبڻت هلندڙ هئي جنھن تان جھيڙو ٿيو آھي وڌيڪ جاچ ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪنداسين.

Bookmark the permalink.