تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

ٺٽي ۾ گٽڪي جون10 فيڪٽريون سيل: 25 گرفتار: ايس ايچ او ضلعي بدر

پوليس پيار موندو، يوسف بروھي، غلام زرداري، امين جاکرو، سميت 25 ڄڻن کي گرفتار ڪيو

دودو جاکرو ۽ زوھيب ميمڻ جي گٽڪي جي فيڪٽرين تي ڇاپا، جي 337 جو ڪيس داخل ڪيو

ٺٽو (رپورٽر) ٺٽو پوليس قلم“جي 337“ لاڳو ٿيڻ شرط ئي منشيات فروشن خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون، گٽڪي جون فيڪٽريون ختم، 25 ڄڻا گرفتار، 3 منشيات فروش روپوش قرار، ايس ايچ او ضلعي بدر، خبر موجب ٺٽي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد پوليس منشيات فروشن جو گهيرو تنگ ڪري ڪيو آهي. پوليس 10 کان وڌيڪ گٽڪي جون فيڪٽريون ختم ڪندي پيار علي موندو، يوسف بروھي، غلام حسين زرداري، امين جاکرو، قادر بخش ميمڻ، علي رضا جاکرو سميت 25 ڄڻن کي گرفتار ڪري وڏي ۽ گٽڪو ٺاهڻ وارو سامان ھٿ ڪيو. پوليس عاشي خليفو، دودو جاکرو ۽ زوھيب غني ميمڻ جي گٽڪي جي فيڪٽرين تي ڇاپا ھڻي گٽڪو ھٿ ڪندي ٽنھي جي 337 جو ڪيس داخل ڪيو، جڏهن ته ٽنهي کي روپوش ڄاڻايو ويو آھي.ايس ايس پي شبير سيٺار گٽڪي تي ِِِضابطو نه آڻڻ تي ٺٽي ٿاڻي جي ايس ايچ او امير بخش کوسو کي ضلعي بدر ڪري ڇڏيو.

Bookmark the permalink.