تازا ترين
  • *عمرڪوٽ ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگرياڻين کي هراسان ڪرڻ ۽ سندن وڊيو ٺاهڻ جي الزام هيٺ هڪ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل * عمرڪوٽ: شهرين جي شڪايت تي جوابدار احد پٺاڻ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي: پوليس * عمرڪوٽ: شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تنگ ڪيو ويندو آهي، ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو *
  • *مورو ڀرسان گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 13 سالن جي نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري مارجي وئي، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * مورو: نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي: چئوٻول *
  • *گمبٽ ۽ ٽنڊو مستي ويجهو روڊ حادثا: نينگري بيبي خيريت بلوچ ۽ زوهيب پٽ خان محمد سومرو فوت، 4 ڄڻا احسان علي بلوچ، بيبي مناحل، بيبي هادي ۽ ثمينه زخمي*
  • *لنڊن: ڪمپيوٽر ۾ ڪٽ، پيسٽ، فائينڊ ۽ ري پليس ايجاد ڪندڙ سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *گهوسٽ اسڪولن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي اُتان جي چونڊيل نمائندن کي ڳوليو: فاطمه ڀٽو 12 سالن کان بند پيل سر شاهنواز اسڪول جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي * سجاول جي سرڪاري بوائز اسڪول تي منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي، اها آهي عملي ڪرپشن: فاطمه ڀٽو * جنهن علائقي ۾ اسڪول بند آهي، اُتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڳوليو، اڃا ڪيترا نسلن ائين يرغمال بڻيل رهندا: سوشل ميڊيا تي اپيل *
  • *باڊهه ۾ پ پ ايم پي اي جي سرپئنچيءَ ۾ جرڳو: پسند جي پرڻي تان ٻٽي قتل جو هڪ جوابدار تي 20 لک ڏنڊ: متاثرن جو 4 جوابدارن سان ٺاهه کان انڪار * باڊهه: مقتول نوجوان فياض ۽ غازي ٻرڙو جي وارثن طرفان عدالت ۾ ڪيس تان هٿ کڻڻ بعد ڏنڊ جا 15 لک رُپيا ڏنا ويندا: جرڳي ۾ فتويٰ * باڊهه: فتويٰ موجب جوابدار سليم ڏيرو ڏنڊ جي رقم ڀريندو، ناري مريم ڏيرو ۽ فياض ٻرڙو طرفان پسند جي شاديءَ بعد ڌُرين ۾ تڪرار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

ٺٽي ۾ گٽڪو ۽ مين پڙيون واپرائڻ سبب 827 ڄڻا ڪينسر ۾ مبتلا: پوليس پاران ناڪامي جو اعتراف

9 مهينن دوران ڳلي ۽ وات جي ڪينسر ۾ مبتلا مريض اسپتال پهتا: 8 کان 13سالن جي ٻارڙن توڙي عورتن جو وڏو انگ شامل

ٺٽو، ساڪرو، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي 40 يونين ڪائونسلن جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ منشيات جو واهپو

ٺٽو ( رپورٽ: اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي ۾ گٽڪو، مائو ۽ مين پڙيون واپرائڻ سبب 827 ڄڻن جي وات جي ڪينسر جي مبتلا ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، پوليس منشيات اڏا بند ڪرائڻ ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪري ورتو. ان ڏس ۾ ٺٽي ضلعي جي 4 تعلقن ٺٽو، ساڪرو، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي 40 يونين ڪائونسلن جي ننڍن وڏن شھرن توڙي ڳوٺن ۾ گٽڪي، مائو ۽ مختلف قسم جي مين پڙين جي استعمال سبب ھلندڙ جي سال جي 9 مھينن ۾ وات ۽ ڳلي جي ڪينسر ۾ 827 مبتلا مريض ڪراچي سميت ٻين شھرن جي اسپتالن ۾ علاج هيٺ آھن، مريضن ۾ 20 سيڪڙو ٻارڙا، 40 سيڪڙو عورتون ۽ 40 سيڪڙو مرد شامل آھن، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي پابندي باوجود گٽڪي، مين پڙين توڙي نشي آور سوپارين جو وڪرو بند ناهي ٿي سگهيو.ايس ايس پي شبير احمد سيٺار پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي اعتراف ڪيو ته پوليس گٽڪن جي ڪاروبار کي مڪمل طور تي ختم ناهي ڪري سگهي.ھن چيو ته پوليس گٽڪن جي وڪري تي ضابطي لاءِ 19 فئڪٽرين کي ختم ڪرڻ سان گڏ 800 کان مٿي گٽڪي فروشن خلاف مختلف ٿاڻن تي ايف آءِ آرون داخل ڪري گرفتاريون ڪيون آهن.
مريضن ۾ ٻارن جو وڏو انگ آهي: ڊاڪٽر شيام لال
ٺٽو: ٺٽو سول اسپتال جي ڏندن واري شعبي جي انچارج ڊاڪٽر شيام لال پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته سول اسپتال ٺٽو ۾ ھلندڙ سال جي جنوري کان 9 مھيني سيپٽمبر تائين 827 جي لڳ ڀڳ وات جي ڪينسر ۾ مبتلا مريض پهتا. ھن چيو ته ڪينسر ۾ مبتلا مريضن م شامل ڪيترائي مريض مرض جي اوائلي اسٽيج ۽ وڌيڪ مريض زندگي جي آخري اسٽيج تي آھن. ھن اھو به انڪشاف ڪيو ته ڪينسر جي سبب بڻيل گٽڪي، مائو ۽ مين پڙين جي واپرائڻ ڪري 20 سيڪڙو ٻار جن جي عمر 8 کان 15 سال، 40 سيڪڙو عورتون ۽ 40 سيڪڙو مردن جي موذي مرض ۾ وڪوڙيل آھي. هوڏانهن منشيات وڪرو ڪندڙ ڪروڙ پتي ٿي ويا آهن، وٽن لگزري گاڏيون ۽ بنگلا آهن، جن ۾ گٽڪو تيار ٿي رهيو آهي.

Bookmark the permalink.