تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ٺٽي ۾ واپاري برادري پاران منشيات فروشن خلاف ڪارروائي جي گھر

ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي جي واپاري برادري گُٽڪي ۽ منشيات فروشن خلاف انتظاميا کي سخت ڪارروائي ڪرڻ جي اپيل ڪندي تاجر اتحاد جي ضلعي صدر جي ڪردار ڪشي جي مذمت ڪري ڇڏي آهي ۽ واضع ڪيو آهي ته سندن واپارين جي تنظيم تاجر اتحاد ٺٽي جو گٽڪي جي ڪاروبار سان ڪوبه تعلق نه آهي، واپاري اتحاد ضلعي ٺٽي جي چيئرمين حبيب ميمڻ، ضلعي صدر ڊاڪٽر ڪامران قريشي، مٺا خان لاشاري، الياس سونارو، ڪامران غني، فيصل مُڀائي، پپو قاضي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل رات کان وٺي واپاري ايسوسيئيشن ضلعي ٺٽي جي صدر ڊاڪٽر ڪامران قريشي جي سوشل ميڍيا تي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي، جيڪو عمل انتهائي مذمت جوڳو ۽ غلط آهي، هنن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڊاڪٽر ڪامران قريشي جي ڪردار ڪشي ڪندڙ ثبوت پيش ڪن، ٻي صورت ۾ سندن خلاف قانون جو سهارو ورتو ويندو.

Bookmark the permalink.