تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

ٺٽي ۾ عجائب گهر ۽ ريسرچ سينٽر رٿائون اڻپوريون: قومي ناڻي کي ڪروڙن جو نقصان

2013ع ۾ پ پ حڪومت مڪلي قومي شاهراهه تي ميوزيم ۽ ريسرچ سينٽر رٿا شروع ڪئي

6سالن گذرڻ باوجود رٿائون اڻپوريون، قومي ناڻي کي ڪروڙن جو نقصان پهتو

ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ٺٽي ۾ پ پ جي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ نوادارت کاتي پاران سال 2013ع جي اعلانيل منصوبي ٺٽو شھر عجائب، ريسرچ سينٽر سميت نوادرات جي آفيس جو ڪم 6 سالن جي گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي
سگھيو. ان ڏس م پنھنجي اخبار جي ورتل جائزي مان معلوم ٿيو آھي ته ٺٽي شھر جي ناڪي گرائونڊ سامھون ٺٽو مڪلي قومي شاهراهه تي واقع ڪروڙن جي لاڳت سان 2012-13 ۾ نوادرات کاتي پاران ٺٽو شھر عجائب گھر جي نالي ھڪ ميوزيم، آرڪيالاجي جي پي ايچ ڊي ڪندڙ شاگردن لاءِ ھڪ ريسرچ سينٽر سميت ھڪ نوادرات آفيس جي قيام جو عمل آڻڻ واري منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو هو، 6 سال گذرڻ باوجود منصوبي ۾ شامل رٿائن جو ڪم مڪمل ناھي ٿي سگھيو، عجائب گھر نالي منصوبي جو ڪم 80 سيڪڙو مڪمل ھجڻ سان گڏ ريسرچ سينٽر جي عمارت جو پڻ 70 سيڪڙو ڪم مڪمل آھي، جڏھن ته نوادرات جي آفيس جو ڪم پڻ بنياد تائين ھجڻ ڪري گذريل 6 سالن نامڪمل آھي، ھوڏانھن اھو به معلوم ٿيو آھي 3 ڪروڙين رپين جي لاڳت وارن منصوبن جي ڪمن جي رولڙي جي ور چڙھڻ ڪري نه رڳو 70 سيڪڙو ريسرچ جي عمارت ۽ 80 سيڪڙو ميوزم جي عمارت جو ڪيل ڪم چوديواري نه ھجڻ ڪري پڻ غير محفوظ بڻجي ويو آھي جڏھن ته رٿائون مڪمل نه ٿيڻ ڪري منصوبي جو مقصد بي لاڀائتو ثابت ٿي رھيو آھي.

Bookmark the permalink.