تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ٺٽي ۾ صحت کاتي جي ننڍن ملازمن پاران احتجاج، او پي ڊي جو بائيڪاٽ

ٺٽو ( رپورٽر ) صحت کاتي سنڌ جي ننڍن ملازمن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف صحت کاتي سول اسپتال جي ملازمن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ سول اسپتال مڪلي جي ملازمن معشوق پنھور، غلام مصطفي خاصخيلي، مسرور پيرزادو، طيب ناريجو جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال جي گيٽ تائين مظاهرو ڪيو ويو. هنن چيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي سول سرجن ننڍن ملازمن خلاف انتقامي ڪاروايون ڪندي 12 کان وڌيڪ ملازمن کي سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ جبري طور بدليون ڪري ملازمن سان وڏي ناانصافي ڪئي آھي، جڏھن تہ ڪوٽڙي اسپتال جو سول سرجن بہ ملازمن کي سخت پريشان ڪري رھيو آھي، جن خلاف انتظاميہ ڪوبہ تحرڪ وٺڻ لاء تيار ناھي. هنن مطالبو ڪيو ته انتقامي ڪاروائين جو نشانو بڻيل ملازمن جون بدليون واپس ڪرائي ملازمن سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ملازمن کي انصاف ملڻ تائين سول اسپتال مڪلي ۾ سندن احتجاج جاري رھندو.

Bookmark the permalink.