تازا ترين
  • *ميهڙ ۾ ٽن ڏينهن کان نوجوان گُم: وارثن کي اغوا جو شڪ*
  • *روهڙي ۾ سڱاوتي تڪرار تان جيڪب آباد واسي ڪُهي قتل*

ٺٽي ڀرسان رڪشا تي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل: لاش رکي ڌرڻو

بروهي برادري جي ماڻهن قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هنيو: جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو

ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ڀرسان هٿياربندن جي چنگچي رڪشا تي فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، هڪ زخمي، 3 محفوظ رهيا، لاش رکي ڌرڻو، جھمپير ستيون روڊ تي درگاھ ستيون ڀرسان 3 موٽر سائيڪل سوار ھٿيار بندن چنگجي رڪشاءَ ۾ ويندڙن تي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ بروھي برادري سان تعلق رکندڙ 2 ڄڻا ڳوٺ پير حنيف شاھ مڪلي واسي نوجوان محمد رمضان پٽ عظيم ۽ نور محمد پٽ مير محمد بروھي ٿڏي تي مارجي ويا، ھڪ ڄڻو مارو بروھي زخمي ٿي پيو، چنگچي رڪشا ۾ سوار وڌيڪ سوار 3 ڄڻا معجزاڻي طور بچي ويا، واقعي واري ھنڌ تان ھٿيار بند ڪاروائي بعد موٽر سائيڪل ذريعي فرار ٿي ويا، واقعي جو ڪارڻ بروھي برادري جي ٻنھي ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار ڄاڻايو پيو وڃي. ٺٽو پوليس پاران ٻنھي مقتولن جي لاشن کي ضروري ڪاروائي لاءِ سول اسپتال ٺٽو پھچايو ويو، زخمي کي وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي روانو ڪيو ويو، ٻئي پاسي اطلاع ملڻ تي سول اسپتال ۾ وڏي انگ ۾ بروھي برادري جا ماڻھو پڻ پهتا، بروھي برادري جي مارجي ويل ٻن نوجوانن جي وارثن مقتولن جي لاشن کي پريس ڪلب ٺٽي آڏو قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو، سخت احتجاج ڪيوويو، مقتولن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪرڻ بعد لاشن کي مڪلي ڏانھن نيو ويو.

Bookmark the permalink.