تازا ترين
  • *ٺٽو: مڪلي باءِ پاس تي خوفناڪ حادثو، نينگر سميت ڪراچي واسي 3 ڄڻا فوت، 4 زخمي*
  • *سکر پوليس پاران همايون مان اغوا ڪيل نينگر شيراز چنا کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، جوابدار مشتاق شاهه گرفتار*
  • *عمرڪوٽ ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگرياڻين کي هراسان ڪرڻ ۽ سندن وڊيو ٺاهڻ جي الزام هيٺ هڪ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل * عمرڪوٽ: شهرين جي شڪايت تي جوابدار احد پٺاڻ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي: پوليس * عمرڪوٽ: شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تنگ ڪيو ويندو آهي، ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو *
  • *مورو ڀرسان گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 13 سالن جي نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري مارجي وئي، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * مورو: نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي: چئوٻول *
  • *گمبٽ ۽ ٽنڊو مستي ويجهو روڊ حادثا: نينگري بيبي خيريت بلوچ ۽ زوهيب پٽ خان محمد سومرو فوت، 4 ڄڻا احسان علي بلوچ، بيبي مناحل، بيبي هادي ۽ ثمينه زخمي*
  • *لنڊن: ڪمپيوٽر ۾ ڪٽ، پيسٽ، فائينڊ ۽ ري پليس ايجاد ڪندڙ سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *گهوسٽ اسڪولن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي اُتان جي چونڊيل نمائندن کي ڳوليو: فاطمه ڀٽو 12 سالن کان بند پيل سر شاهنواز اسڪول جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي * سجاول جي سرڪاري بوائز اسڪول تي منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي، اها آهي عملي ڪرپشن: فاطمه ڀٽو * جنهن علائقي ۾ اسڪول بند آهي، اُتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڳوليو، اڃا ڪيترا نسلن ائين يرغمال بڻيل رهندا: سوشل ميڊيا تي اپيل *
  • *باڊهه ۾ پ پ ايم پي اي جي سرپئنچيءَ ۾ جرڳو: پسند جي پرڻي تان ٻٽي قتل جو هڪ جوابدار تي 20 لک ڏنڊ: متاثرن جو 4 جوابدارن سان ٺاهه کان انڪار * باڊهه: مقتول نوجوان فياض ۽ غازي ٻرڙو جي وارثن طرفان عدالت ۾ ڪيس تان هٿ کڻڻ بعد ڏنڊ جا 15 لک رُپيا ڏنا ويندا: جرڳي ۾ فتويٰ * باڊهه: فتويٰ موجب جوابدار سليم ڏيرو ڏنڊ جي رقم ڀريندو، ناري مريم ڏيرو ۽ فياض ٻرڙو طرفان پسند جي شاديءَ بعد ڌُرين ۾ تڪرار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

ٺٽي مان جديد ليب منتقل ڪرڻ جون تياريون: سامان ذاتي استعمال ۾ آڻڻ جو انڪشاف

سماجي تنظيم تعليم کي هٿي وٺرائڻ واسطي اسڪول ۾ جديد ريورس ليب کولڻ جو فيصلو ڪيو

ليب لاءِ 11 ليپ ٽاپ، جديد ڪئمرائون، جنريٽر، ڪتاب، فرنيچر ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو

ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ٺٽي جي استادن ۽ شاگردن جي تعليمي مھارتن ۾ اضافي آڻڻ توڙي سکيا جي جديد طريقن ذريعي تعليم کي ھٿي وٺرائڻ واسطي سنڌي پرائمري ڪلسٽر اسڪول ٺٽي ۾ کلندڙ جديد ريسورس ليب منتقل ڪرڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن. سنڌي ٻولي جي مھارتن وسيلي ضلعي جي 178، پرائمري اسڪولن ۾ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيم جي سھڪار سان ٺٽي جي سنڌي پرائمري ڪلسٽر اسڪول جي عمارت ۾ جديد ريسورس ليب کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جديد ليب ۾ 11 ليپ ٽاپ، جنريٽر، 11 ڪمپيوٽر ٽيبل، 2 ڊيجيٽل ڪئمرائون، ھڪ ملٽي ميڊيا، 2 ڪتابن جا رينڪ ۽ 20 کان مٿي ڪرسين سميت جديد ريسورس ليب جي قيام لاءِ گھربل سامان جي فراھمي ڪئي وئي آھي.سنڌي پرائمري اسڪول ۾ استادن توڙي شاگردن جي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ قائم ليب کي ٺٽي شھر مان ٻئي ھنڌ منتقل ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن. تعليمي کاتي جي عملدارن پاران مختلف جواز ڄاڻائي منصوبو ناڪام بڻائڻ جي ڪوششن جو انڪشاف ٿيو آهي. معلوم ٿيو آھي ته تعليم کاتي جي عملدارن ليب لاءِ مليل قيمتي سامان ذاتي ڪمن لاءِ استعمال ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي.مليل ڄاڻ موجب ليب جي ٻئي هنڌ منتقلي سان منصوبي جي مڪمل ناڪامي جو امڪان آھي. هوڏانهن سڄان ڌرين، شھري اتحاد جي اڳواڻ جاويد ميمڻ، رشيد جاکرو، منصور جلالاڻي، زبير ميمڻ ۽ ٻين تعليم کاتي ٺٽي جي عملدارن پاران ٺٽي شھر جي قديمي سنڌي پرائمري اسڪول جي عمارت ۾ کلندڙ جديد ريسورس ليب جي ٻئي ھنڌ منتقلي جي مذمت ڪندي وس وارن کان ليب منتقل نه ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.