تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

ٺٽي ضلعي ۾ پنهنجي ايڪتا جي قومي ڪاڄ تي ثقافتي رنگ جرڪي پيا

ٺٽو (نمائندن وٽان) ٺٽو ضلعو به پنھنجي ايڪتا جي ڏھاڙي جي موقعي تي ٺٽو شهر سنڌي ثقافتي انڊلٺي رنگن سان جرڪي اٿيو ، سنڌ جي قومي گيتن تي پٽڪي، ٽوپي پاتل اجرڪ اوڍيل سنڌين رقص ڪري جھمريون ھڻي ڀرپور نموني سنڌ سان پنھنجي ايڪتا جو اظھار ڪيو. تاريخي بادشاھي شاھجھان مسجد کان پريس ڪلب ٺٽو الف آرگنازيشن طرفان ريلي ڪڍي وئي. قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو.
ڪيٽي بندر
سڄي سنڌ جيان ڪيٽي بندر ۽ ٻگھاڻ شهر ۾ پڻ پنھنجي ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو. تقريب ۾ عوامي تحريڪ، فشر فوڪ فورم، واپاري اڳواڻن سياسي سماجي تنظيمن پاران ملھايو ويو، شاگردن ۽ مقررتقريرون پڻ ڪيون.

Bookmark the permalink.