تازا ترين
  • *مورو ڀرسان گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 13 سالن جي نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري مارجي وئي، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * مورو: نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي: چئوٻول *
  • *گمبٽ ۽ ٽنڊو مستي ويجهو روڊ حادثا: نينگري بيبي خيريت بلوچ ۽ زوهيب پٽ خان محمد سومرو فوت، 4 ڄڻا احسان علي بلوچ، بيبي مناحل، بيبي هادي ۽ ثمينه زخمي*
  • *لنڊن: ڪمپيوٽر ۾ ڪٽ، پيسٽ، فائينڊ ۽ ري پليس ايجاد ڪندڙ سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *گهوسٽ اسڪولن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي اُتان جي چونڊيل نمائندن کي ڳوليو: فاطمه ڀٽو 12 سالن کان بند پيل سر شاهنواز اسڪول جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي * سجاول جي سرڪاري بوائز اسڪول تي منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي، اها آهي عملي ڪرپشن: فاطمه ڀٽو * جنهن علائقي ۾ اسڪول بند آهي، اُتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڳوليو، اڃا ڪيترا نسلن ائين يرغمال بڻيل رهندا: سوشل ميڊيا تي اپيل *
  • *باڊهه ۾ پ پ ايم پي اي جي سرپئنچيءَ ۾ جرڳو: پسند جي پرڻي تان ٻٽي قتل جو هڪ جوابدار تي 20 لک ڏنڊ: متاثرن جو 4 جوابدارن سان ٺاهه کان انڪار * باڊهه: مقتول نوجوان فياض ۽ غازي ٻرڙو جي وارثن طرفان عدالت ۾ ڪيس تان هٿ کڻڻ بعد ڏنڊ جا 15 لک رُپيا ڏنا ويندا: جرڳي ۾ فتويٰ * باڊهه: فتويٰ موجب جوابدار سليم ڏيرو ڏنڊ جي رقم ڀريندو، ناري مريم ڏيرو ۽ فياض ٻرڙو طرفان پسند جي شاديءَ بعد ڌُرين ۾ تڪرار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

ٺٽي ضلعي ۾ نانگ بلائون نڪري آيون: 20 کان وڌيڪ ماڻهو فوت: ويڪسين اڻلڀ

ضلعي ۾ برساتن بعد ڪوھستاني توڙي سامونڊي ۽ بئراجي علائقن ۾ نانگ بلائون ٻرن مان نڪري آيون

ھلندڙ سال جي 9 مھيني تائين 2000 کان مٿي ٻارڙن، عورتن ۽ مردن کي نانگن ڪکي زخمي ڪيو

ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي ضلعي ۾ ھلندڙ سال جي 9 مھيني دوران 2 ھزار کان وڌيڪ ماڻهن کي نانگ ڪکيو، ويڪسين جي موجودگي جي دعويٰ باوجود 20 کان وڌيڪ مريضن جي فوت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.ان ڏس ۾ ٺٽي ضلعي ۾ برساتن بعد ڪوھستاني توڙي سامونڊي ۽ بئراجي علائقا پاڻي ھيٺ اچڻ کانپوءِ نانگ بلائون ٻرن مان نڪري آيون. ھلندڙ سال جي 9 مھيني تائين 2000 کان مٿي ٻارڙن، عورتن ۽ مردن کي نانگن ڪکي زخمي ڪيو.صحت کاتي جي 17 ڊسپينسرين، غير سرڪاري تنظيم پي پي ايچ جي ماتحت ھلندڙ 22 بنيادي صحت يونٽن توڙي ضلعي جي 6 آر ايچ سيز، ھڪ تعلقي ۽ ھڪ ضلعي سول اسپتال سميت 8 وڏين اسپتالن جي انتظام سنڀاليندڙ مرف تنظيم ۽ ضلعي ڪائونسل جي 26 ننڍين ڊسپينسرين سميت 72 اسپتالن ۾ نانگ کان بچاءَ ويڪسين نه هئڻ سبب 20 کان وڌيڪ مريض فوت ٿي ويا. ڪوھستان توڙي سامونڊي پٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا رهيا آهن، پر صحت کاتي نوٽيس ناهي ورتو.

Bookmark the permalink.