تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ٺٽي جي عدالت پاران قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي جنم ٽيپ، 3 بري

ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽو جي عدالت قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي 25 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائڻ سان گڏ 3 ڄڻن کي شڪ جي فائدي جي بنياد تي بري ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ سال 2018ع ۾ گھاري ڀرسان قتل ٿي ويل نوجوان صدام جوکيو جي ڪيس جي ماڊل ڪورٽ جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج الله بخش گبول جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي ، عدالت ٻڌڻي دوران وڪيلن جي دليلن جي مڪمل ٿيڻ بعد ڏوھ ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار شير علي جوکيو کي 25 سال سزا ۽ هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي جڏهن ته عدالت ڪيس ۾ نامزد ٽن ڄڻن نصير ، ولي محمد ۽ نظير کي شڪ جو فائدي ڏيندي بري ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته مقتول صدام جوکيو جو قتل ڪيس سندس ڏاڏي محمد موسيٰ جوکيو جي فرياد تي گھارو ٿاڻي تي سال 2018 ۾ جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته عدالت ۾ ڪيس جي پيروي فريادي ڌر جي وڪيل شبير احمد ڪنڀر پاران ڪئي وئي هئي.

Bookmark the permalink.