تازا ترين
  • *تنگواڻي ۾ باگڙي برادري جي گهرن کي باهه، چوپايو مال ۽ٻيو سامان سڙي رک*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران زرعي دوائن جي دڪانن سميت گڊز ٽرانسپورٽ کي کولڻ جي اجازت*
  • *غوثپور ۾ 2 مغوي بازياب: پوليس پاران مقابلي بعد هڪ هٿياربند کي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ * غوثپور/ڪرمپور: 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل زوهيب ۽ فردوس پٺاڻ کي ڪچي مان بازياب ڪرايو ويو *
  • *ڪراچي: وڏي وزير پاران عبدالقادر جوڻيجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار کير جا دڪان رات 8 وڳي تائين کولڻ جو حڪم*
  • *اسلام آباد: وزيراعظم جو ڪورونا سان وڙهڻ لاءِ ٽائيگر فورس ٺاهڻ جو اعلان * اسلام آباد:ڪورونا وائرس بزرگن ۽ بيمار ماڻهن لاءِ خطرناڪ آهي:عمران خان * اسلام آباد: ڪهڙي قسم جو لاڪ ڊائون ڪامياب نٿو ٿي سگهي: عمران خان * اسلام آباد:قوم متحد ٿي ڪورونا وائرس سان وڙهي سگهي ٿي: وزيراعظم * اسلام آباد: 5 کان 7 ڏينهن تائين ڪورونا جي صورتحال واضح ٿي ويندي:وزيراعظم * اسلام آباد: قوم کي چوان ٿو ته هيءَ جنگ اسان کي گڏجي وڙهڻي آهي:عمران خان * اسلام آباد: ماڻهن جي بُکن تي پئسا ٺاهيندڙ منافعي خورن کي بخش نه ڪبو:وزيراعظم * اسلام آباد: منافعي خورن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي: عمران خان *
  • *ڪراچي: هاڻي مون کي ڪورونا وائرس ناهي: صوبائي وزير سعيد غني جو وڊيو بيان*
  • *ڪراچي: ڪورونا وائرس: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تبليغين کي روڪيو ويو، مرڪزن کي پوليس جو ڪڙو، چرپر تي پابندي * ڪراچي: لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ڄامشورو سميت ٻين شهرن ۾ پوليس تبليغين کي روڪي ورتو *
  • *ڪراچي: جمعي نماز دوران اجتماع ڪندڙن خلاف ڪيس ختم ڪريو: وڏي وزير جي آءِ جي سنڌ کي هدايت * ڪراچي: جن به ماڻهن ضمانتون ڪرايون آهن، انهن کي پنهنجا مچلڪا واپس ڪيا ويندا: وڏو وزير * ڪراچي: عالمن حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي: سيد مراد علي شاهه*
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 21 متاثر صحتياب: انگ 41 ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ڊي ايس پيز جون بدليون ۽ مقرريون:اسلم لانگاهه وڏي عرصي بعد بدلي، سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر *حيدرآباد: مورو، جهول، کپرو، ٽنڊوالهيار، حسين آباد سميت اٺن تعلقن جا ڊي ايس پيز بدلي *حيدرآباد: انور شيخ جي جاءِ تي اسلم لانگاهه کي سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪيءَ ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوليس 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.*
  • *ڪريم بخش کوسو ڀرسان مينهن ٽَڪر هڻي ڇهن ٻارن جي پيءُ کي ماري ڇڏيو*
  • *اتر وزيرستان ۾ ن ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي محمد نذير تي قاتلاڻو، محفوظ*
  • *سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، گهرواري جو مخالفن تي قتل جو الزام*

ٺٽي جو 8 صديون پراڻو سونڊا قبرستان بي ڌياني جي ور چڙهيل: قبرون ميسارجڻ لڳيون

8سو سال پراڻيون قبرون بي ڌياني سبب زبون حالي جي ورچڙهي ويون آهن

قبرستان ۾ پٿرن تي اڪريل ڪتبن ۽ چٽسالي واريون خوبصورت قبرون وڏي تعداد ۾ موجود

ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي جي قديمي تاريخي ماڳ سونڊا ۾ 54 ايڪڙن جي ايراضي تي هزارين قبرن تي مشتمل تاريخي سونڊا قبرستان آثاره قديمه جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي ڪري زبون حالي جي ور چڙهي ويا آهن، قبرستان ۾ چوديواري نه هجڻ ڪري غير محفوظ بڻجي ويو آهي . ان ڏس ۾ “ پنهنجي اخبار ” جي ورتل جائزي مان معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي جي تاريخي ماڳ سونڊا ۾ واقع 8 سئو سال اڳ جو چيو ويندڙ قديمي تاريخي قبرستان سونڊا ۾ هزارن جي تعداد ۾ موجود اسلامي دور ۽ ان کان اڳ جون چيون ويندڙ پٿرن جون اعليٰ نموني واريون قبرون آثاره قديمه جي بي ڌياني توڙي عدم دلچسپي ڪري ٽوڙ ڦوڙ جون شڪار بڻجي پنهنجي سونهن وڃائي تنزلي طرف وڌي رهيون آهن 54 ايڪڙن جي ايراضي تي پکڙيل تاريخي سونڊا جي قبرستان ۾ پٿرن تي اڪريل قطبن ۽ چٽسالي واريون خوبصورت قبرن جي هجڻ سميت عورتن جي قبرن تي زيورن جي نماءَ ۽ مردن جي قبرن تي تير ، نيزا ، ڀالا ، گھوڙي سواري جي چٽن واريون وڏي تعداد ۾ هن وقت به موجود آهن، سونڊا جي تاريخي ۽ قديمي قبرستان بابت سنڌ جي محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر محمد علي مانجھي چيو ته سونڊا جو تاريخي قبرستان سومرن جي 12 هين عيسوي واري دور کان اڳ جو آهي هن چيو ته سونڊا ۾ دهلي جي حاڪم محمد شاهه تغلق جي ڪيل سنڌ تي حملي دوران جنهن ۾ محمد شاهه تغلق خود به مارجي ويو هيو هڪ ان جنگ ۾ مارجي ويلن جون قبرون آهن ته ٻيو وري لاشارين تي رندن جي ڪيل حملي دوران مري ويل لاشارين جون قبرون آهن هن چيو ته 800 سال کان اڳ واري سونڊا قبرستان ۾ سومرن جي دور وارين قبرن سان گڏ ان کان اڳاٽي دور جون پڻ قبرون آهن

Bookmark the permalink.