تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

ٺٽو ۾ جسقم مرڪزي اڳواڻن جو 40ساٿين سميت قومپرست تنظيم کي خيرآباد: قومي ڌارا ۾ شموليت جو اعلان

ٺٽو ( رپورٽر) جسقم پورھيت سنگت جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ غلام حسين سنڌي، سجاول جسقم جي اڳواڻ ھاشم خان ۽ پاڳارو حنيف شاھ پنھنجي 40 ساٿين سميت قومپرست تنظيم کي خير آباد چئي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. قومپرست پارٽي کي ڇڏي قومي ڌارا ۾ شموليت اختيار ڪندڙ ڪارڪنن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھو محب وطن پاڪستاني آھن پاڪستان آھي ته سنڌ آھي. ھنن جو چوڻ ھيو ته ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي خاطر گڳ مرڻ گهڙي تائين ملڪ سان وفا ڪندي ملڪ جي سلامتي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رھندا. ان موقعي تي ڪارڪنن ھٿن ۾ قومي جھنڊا کڻي پاڪستان زندہ باد جا نعرہ ھنيا ۽ پڻ مڪلي ۾ پاڪستان جا جھنڊا کڻي پاڪستان جا نعرہ ھڻي ريلي ڪڍي.

Bookmark the permalink.