ٺٽو: ڊگري ڪاليج جي عمارت اڻپوري: هيڊ ماستر مقرر نه ٿيو: 14استادن جون جايون خالي

سائنس، آرٽس ۽ ڪامرس ۾ 3 ھزار کان وڌيڪ شاگرد داخل: استاد رڳو 21 مقرر ٿي سگهيا

ڪاليج جي پرنسپال محمد علي مانجھي جي ھڪ سال اڳ بدلي بعد نئون پرنسپال مقرر نه ٿي سگهيو

ٺٽو ( رپورٽ: اسماعيل ميمڻ ) ٺٽو ڊگري ڪاليج جي عمارت اڻپوري: هيڊ ماستر مقرر نه ٿيو، 14استادن جون جايون خالي پيل، تعليم کاتي نوٽيس نه ورتو. ان ڏس ۾ ٺٽي ضلعي جي ھيڊ ڪوارٽر واري تاريخي شھر مڪلي ۾ قائم ڪيل بوائز ڊگري ڪاليج ٺٽي جي ٽن فئڪلٽيز سائنس، آرٽس ۽ ڪامرس ۾ 3 ھزار کان مٿي شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، پر عمارت جو مرمتي ڪم ڪيترائي سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿيڻ ۽ استادن جي کوٽ سبب تدريسي عمل سخت متاثر ٿي رهيو آهي.3 هزار کان وڌيڪ شاگردن لاءِ رڳو 21 استاد مقرر آهن، سائنس، آرٽس ۽ ڪامرس جي شاگردن جو تعليمي مستقل ٽياس تي تنگجي ويو آھي.پرنسپال محمد علي مانجھي جي ھڪ سال اڳ بدلي ٿيڻ بعد هيل تائين خالي پيل عھدي تي نئون پرنسپال مقرر ناهي سگهيو. پھرين گھوڙاٻاري ايٽ ڳاڙھو ڪاليج جي پرنسپل غلام مصطفيٰ چارڻ کي اضافي چارج ڏني وئي پر مستقل پرنسپال مقرر ناهي ڪيو ويو.ٻئي پاسي 2008 ۽ 2009 ع کان ھلندڙ ڪاليج جي ڪمرن توڙي مختلف ليبارٽرين جي جو ڪم 11 سال گذري وڃڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ جون پڻ شڪايتون سامهون آيون آهن. ھوڏانھن ڊگري ڪاليج جي شاگردن ۽ انھن جي والدين ڪاليج ۾ استادن، ڪمرن جي کوٽ تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي تعليم کاتي کان پوري ڪاليج جي مرمتي ڪم مڪمل ڪرڻ سان گڏ استادن جي کوٽ پوري ڪري تعليم پرائيندڙ شاگردن جي تعليمي مستقل کي بچائڻ جي گھر ڪئي آهي.
ڪاليج ۾ ڪئمپس هلڻ جي ڪري ڪمرن جي کوٽ به برقرار
ٺٽو: ٺٽي شھر جي تاريخي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ 1960ع ۾ بوائز ڪاليج جو قيام عمل ۾ آندو ويو ھو، جڏھن ته بعد ۾ ٺٽي ضلعي جي ھيڊ ڪوارٽر واري شھر مڪلي ۾ واقع 1963ع ڌاري ساڍا 17، ايڪڙن جي ايراضي بوائز ڊگري ڪاليج جي عمارت تعمير ڪري ڪاليج کي سنڌي پرائمري اسڪول جي عمارت مان منتقل ڪري مڪلي نئين تعمير ٿيل عمارت ۾ تعليم جي عمل کي شروع ڪيو ويو آھي، معلوم ٿيو آھي ته ٺٽي جي بوائز ڊگري ڪاليج جي ڪجھ ڪلاسن ۾ ھن وقت سنڌ يونيورسٽي جي ڪئمپس جي ھلڻ ڪري پڻ ڪاليج جي ڪمرن جي کوٽ ڪري ڪاليج جي شاگردن جي تعليم پڻ درپيش مسئلي جو شڪار آھي.
ڪامرس بلاڪ جي عمارت به زبون: 8 استادن جون جايون خالي پيل
ٺٽو: بوائز ڊگري ڪاليج جي ڪامرس بلاڪ ۾ ڪامرس بلاڪ جي عمارت 1990ع ۾ تيار ڪئي وئي، پر ڪجھه سالن جي استعمال بعد زبون حالي جي شڪار ٿي وئي، ڪاليج جي عمارت سان گڏ 1990ع ۾ تيار ڪيل ڪامرس بلاڪ جي گذريل 24 سالن کان ناڪارہ ھجڻ ڪري پن ھلندڙ تعليمي سال 400 کان مٿي ڪامرس جي تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر آھي، بوائز ڊگري ڪاليج ۾ ڪامرس فئڪلٽي جي گھربل 10 استادن جي جاءِ تي رڳو 2 استاد مقرر آهن،
استادن جي کوٽ سبب شاگردن جي پڙهائي متاثر ٿي رهي آهي: پروفيسر اعجاز پليجو
ٺٽو: ٺٽو بوائز ڊگري ڪاليج جي زولاجي جي پروفيسر اعجاز علي پليجو پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته سائنس، آرٽس ۽ ڪامرس ۾ پڙ ھندڙ 3 ھزار کان مٿي شاگردن لاءِ صرف 21 استاد مقرر آھن، عمارت ۾ موجود ڪمرن جي کوٽ آھي، ھن چيو ته ڪاليج جي عمارت جي مرمتي ڪم جي مڪمل نه ھجڻ ڪري ڪلاس رومن جي سخت کوٽ آھي.

Bookmark the permalink.