تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ٺٽو ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

ٺٽو ( رپورٽر ) ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو جي پگھارن کان محروم ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪري فوري نوڪرين تي بحال ڪري رهيل ٻن سالن جي پگھارن جي ادائگي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو جي تاريخي بادشاهي شاهجھان مسجد ۾ مقرر موذن (ٻانگي) حافظ خان محمد بروهي، ملازم رياض سولنگي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته کين بلاجواز نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي ۽ گذريل ٻن سالن کان پڻ پگھارون به ناهن ڏنيون ويون جنهنڪري هو بک ۽ بيوروزگاري سبب فاقن واري زندگي گھارڻ تي مجبور بڻيل آهن . هنن چيو ته ميونسپل ڪاميٽي ۾ هنن 14 کان 19 سالن تائين ايمانداري سان ڊيوٽيون ڪيون آهن ۽ اسان جي عمر جو وڏو حصو پڻ ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو ۾ ڪم ڪندي گذري ويو آهي هنن چيو ته بجاءِ اسان کي پڪي ڪرڻ جي مورڳو نوڪرين مان ڪڍي بيروزگاري جي اوڙاھ جي اوڙاھ ۾ ڌڪيو ويو آهي هنن چيو ته هن مهل تائين نه کين نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي ٿو ۽ نه ئي وري هنن کي گذريل ٻن سالن جون رهيل پگھارون ڏنيون وڃن ٿيون. هنن مطالبو ڪيو آهي ته کين فوري طور تي ٻيهر نوڪرين تي بحال ڪري رهيل پگھارون ڏنيون وڃن.

Bookmark the permalink.