تازا ترين
  • ملير:ڪورونا وگهي فوت ٿي ويل صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي*ڳوٺ فقير محمد گڏاپ سٽي ۾ جنازي نماز ادا، سعيد غني، عاجز ڌامراهه سميت ٻيا شريڪ*
  • خانپورمھر ۾ وڌيڪ 5 ڄڻا ڪورونا جو شڪار، انگ وڌي 35 ٿي ويو*ميرپورماٿيلو:گهوٽڪي ضلعي ۾ وڌيڪ 26 ڄڻا ڪورونا ۾ مبتلا، انگ وڌي 299 ٿي ويو*
  • سکر ۾400 ڄڻن کان ورتل سيمپلز مان 40 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق*
  • ميرپورخاص ۾ وڌيڪ 4 ڄڻا ڪورونا جو شڪار، ضلعي اندر متاثرن جو انگ وڌي 87 ٿي ويو*
  • پنهنجا هُجن يا مخالف، نئين پاڪستان ۾ ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي:شبلي فراز*شهباز شريف قانون کان ڀڄڻ بدران قانون کي منهن ڏئي:وفاقي وزير شبلي فراز جو ٽوئٽ*ن ليگين کي مشورو آهي ته قانون آڏو رڪاوٽون وجهي ڏوهه نه ڪيو وڃي:شبلي فراز*
  • ڪراچي: صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ ڪورونا وگهي فوت*
  • حيدرآباد: سينيٽر مولا بخش چانڊيو سميت 5 گهر ڀاتي ڪورونا ۾مبتلا*مولا بخش چانڊيو، سندس زال ۽ پُٽ سميت 5 ڄڻن کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي*ڪورونا وائرس جي تصديق بعد پاڻ ۽ گهر ڀاتين کي آئسوليٽ ڪيو آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • کنڊ اسڪينڊل تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڊرامو رچايو ويو آهي: مريم اورنگزيب*نيب نيازي ڳٺ جوڙ کان عوام واقف آهي: ن ليگ ترجمان*نيب شهباز شريف کي گرفتار ڪيو ته عوام بني گالا مان عمران خان کي گرفتار ڪندو: مريم اورنگزيب*نيب جون ڪارراويون صرف مخالف ڌر خلاف پيون ٿين: راڻا ثناءُ الله*
  • لاهور: نيب ٽيم شهباز شريف جي گهر مان ناڪام واپس رواني ٿي وئي*
  • لاهور: نيب ٽيم اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي رهائشگاهه ۾ داخل ٿي وئي*لاهور پوليس جي وڏي نفري به شهباز شريف جي گهر ٻاهران موجود*شهباز شريف جي امڪاني گرفتاري جو ٻڌندي ئي نواز ليگ اڳواڻ به پهچي ويا*لاهور: نواز ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو شهباز شريف جي رهائشگاهه آڏو مظاهرو، ڌرڻو*
  • *گمبٽ ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، 21 ڄڻا اسپتال ڀيڙا *گيسٽرو مريضن ۾عورتون، ٻارڙا ۽ نوجوان شامل *
  • *اينٽي ڪرپشن پاران ڊائريڪٽر ايلمينٽري اينڊ سيڪنڊري ڪراچي حامد ڪريم خلاف جاچ شروع *اينٽي ڪرپشن حامد ڪريم کي 3 جون تي سموري رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو *
  • *حيدرآباد: جعلي ڊوميسائل ٺهڻ خلاف نوجوانن جو پريس ڪلب سامهون احتجاج *ڪوڙا ڊوميسائيل رد ڪري ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: مظاهرين *
  • *بدين مان چونڊيل ايم پي اي تاج محمد ملاح جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي*
  • *ڊکڻ :ڳوٺ دڙي جاکري ٻاهران ڪار مان گولي لڳل لاش هٿ *مقتول جي سڃاڻپ اشتياق پٺاڻ ولد نظام الدين پٺاڻ طور ٿي،لاش اسپتال منتقل *

ٺٽو شهر ترقياتي ڪمن ۾ مڪمل نظرانداز، شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳل، شهري صاف سٿري ماحول کان محروم بڻيل

تاريخي شهر ٺٽي ۾ مڪاني نمائندا گذريل 4 سالن کان ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرائي سگهيا

شهر جي 9 ئي وارڊن جي مختلف پاڙن شيرازي پاڙو، شڪر الاهي پاڙو ۽ ٻين ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا

ٺٽو (رپورٽ اسماعيل ميمڻ) ٺٽو شهر ترقياتي ڪمن ۾ مڪمل نظرانداز، 2 لک آبادي واري شهر ۾ وڌندڙ گندگي جي آزار جو نه خاتمو اچي سگهيو، شهرين کي صاف سٿرو ماحول کان محروم بڻيل آهن. ان ڏس ۾ “ پنهنجي اخبار ” جي هٿ ڪيل رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته ميونسپل ڪاميٽي جي درجي جي حيثيت رکندڙ 2 لک آبادي واري تاريخي شهر ٺٽي ۾ هلندڙ مڪاني چونڊن واري نظام هيٺ گذريل 4 سالن کان ڪو به ترقياتي ڪم ٿيو آهي ۽ نه ئي شهر جي 9 ئي وارڊن جي مختلف پاڙن شيرازي پاڙو، شڪر الاهي پاڙو، درگاهه شاهه ڪمال پاڙو ، بخاري پاڙو، مسڻ پاڙو، درگاهه شاهه مبين پاڙو، اسلام پور پاڙو، شاهه ابراهيم پاڙو، پلنگ پاڙو ، ميمڻ پاڙو، لوهار گلي، آمري اسٽاپ، شاهه گوهر پاڙو، آگر پاڙو، ڀٽواڻو پاڙو، قاضي پاڙو، لاسي پاڙو، ڪاشيگر پاڙي ، ڳوٺ نور محمد بروهي، ڳوٺ عثمان گندرو، ڳوٺ محرم گاهيو، ڳوٺ رمضان بهراڻي سميت شهر جي شاهي بازار جي مختلف چوڪن ميمڻ مسافر خانو، غوثيه پئٽرول پمپ، شاهجھان مسجد خظر حيات روڊ، شيخ فريد سميت شهر جي ڪيترن ئي گھٽين ۾ گذريل ڪيترن سالن کان گڏ ٿيل گندگي جي ڍيرن کي هن مهل تائين کڻائي صفائي واري نظام ۾ ڪا به بهتري ناهي آندي وئي. ٻئي پاسي گندگي جي وڌندڙ آزار سبب پڻ شهر جي ماحول ۾تيزي سان آلودگي وڌڻ ڪري مڇرن جي آزار سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن. هوڏانهن سال 2015ع ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي باوجود ميونسپل ڪاميٽي ٺٽي جي انتظاميا پاران شهر ۾ ڪوئي ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو ويو. جنهنڪري شهر جي 9 ئي وارڊن جي مختلف گھٽين توڙي پاڙن جا رستا پڻ اکڙي تباهه ٿي ويا آهن ۽ پڻ شهر جي ڊرينيج نظام جي مرمت نه ٿيڻ ڪري اڪثريتي نيڪال جون ناليون ٿرجي ڀرجي ويون آهن ۽ نيڪال جي جوڳي بندوبست نه هجڻ ڪري شهر جي پاڙن ايستائين شهر جي شاهي بازار ۾ هر وقت گٽر نالن جي وهڻ ڪري شهرين جي آمدرفت سوڌو شهري ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي هوڏانهن شهر ۾ موجوده مڪاني نظام هيٺ ڪنهن به نئين ترقياتي منصوبي تي عمل درآمد نه ٿيڻ ۽ نه ئي شهر جي تباهه حال شاهي بازار سميت شهر جي داخلي توڙي مختلف پاڙن جي رستن جي مرمتي ڪم نه ٿيڻ ڪري ٻه لک شهرين جو ٽٽل رستن تان گذرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي.

Bookmark the permalink.