تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

ٺٽو سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرز جي مبينا سنگين لاپرواهي: ناري جي ڳلي ۾ نلڪي ڦاسڻ بعد هٿ ڪڍي ويا

نينگري الهبچائيءَ جي ڳلي ۾ اين جي ٽيوب لڳائي وئي، جيڪا اڌ مان ٽٽي پئي

سول اسپتال جي ڊاڪٽرز ناري کي ڪراچي يا حيدرآباد ريفر ڪيو، وارث پريشان

ٺٽو ( رپورٽ: اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب علاج لاءِ آيل ناري جي ڳلي ۾ اين جي ٽيوب (نلڪي) جي نه نڪرڻ ڪري نينگري جي حياتي کي خطرو، 28 آگسٽ تي سجاول جي ننڍي گونگڙي جي رھواسي محمد حسن سانڌ جي نينگري الھبچائي سانڌ کي علاج لاءِ سول اسپتال جي ايمرجنسي شعبي ۾ داخل ڪيو ويو، ناري جي وارثن موجب ڊيوٽي تي موجود 3 بجي ڌاري ڊاڪٽرز ناري کي اين جي ٽيوب (نلڪي) ڳلي مان مٽائي جنھن جي بعد ۾ نه نڪرڻ ۽ ٽٽڻ سبب نياڻي جي ھن مھل تائين حالت خطري واري آھي، وارثن موجب نلڪي جي ڦاسي ٽٽڻ تي سول اسپتال ٺٽو جي ڊاڪٽرز پاران نجي اسپتال مان ايڪسري ڪڍرائڻ جو چيو ويو، ايڪسري بعد کين ڪراچي روانو ڪيو ويو، وارثن وڌيڪ چيو آھي ته ڪراچي وياسين وري اُتان حيدرآباد موڪليو ويو آهي، جتي نلڪي جو ڪجھه حصو نڪتو آھي، نلڪي جو ڪجھه حصو نه نڪرڻ سبب نياڻي جي حياتي کي خطرو آهي، ٺٽي جي ڊاڪٽرز خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. معاملو ميڊيا تي اچڻ بعد ناري کي ڪراچي نيو ويو.

Bookmark the permalink.