تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ٺٽو، سجاول بدين ضلعن ۾ لاڪ ڊائون سبب هڪ لک کان وڌيڪ پورهيت بيروزگار، صحيح نموني امداد به نه ملي

مزدور، هاري، ماهيگير لاڪ ڊائون جي ڪري گھرن تائين محدود بڻيل

مقامي تنظيمن فنڊ نه ملڻ جو جواز ڄاڻائي هزارين پورهيت فارغ ڪري ڇڏيا

ٺٽو / سجاول/سيراڻي(رپورٽون: اسماعيل ميمڻ/مشتاق سعيد/ شاهنواز چاوڙو) سنڌ ۾ ڪورونا ۽ لاڪ ڊائون سبب ٺٽو۽ سجاول ضلعن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ پورهيت بيروزگار ٿي ويا آهن، جن کي صحيح نموني امداد به نه ملي سگھي آهي. ان ڏس ۾ رڳو سجاول ضلعي ۾ 70 سيڪڙو پورھيت، ھاري، ماھيگير، ڪاريگر ۽ مزدور متاثر ٿيا آهن، جن جو انگ هڪ لک يا ان کان به وڌيڪ آهي. پر ان باوجود ڪنھن به عالمي توڙي مقامي اين جي او متاثرن جي مدد لاءِ ڪو پراجيڪٽ شروع نه ڪيو آهي، عالمي امدادي ادارن به ڪنھن اين جي او کي فنڊ جاري نه ڪيا آهن، جڏهن ته عالمي اين جي اوز به ڪم بند ڪري ڇڏيو، اسلام آباد جي ھيڊ آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عملي کانسواء باقي عملو پنھنجي ملڪن ڏانھن روانو ڪري مقامي ملازمن کي نيڪالي ڏني وئي آهي، صرف سجاول ضلعي جي 8 مقامي اين جي اوز جو ڪم بند ٿي ويو آهي. جڏھن ته ڪنھن مقامي اين جي او پاران پڻ وبا ۽ لاڪ ڊائون متاثرن لاء ڪو نئون پراجيڪٽ شروع نه ڪيو آھي. ان ڏس ۾ سجاول جي سوشل ويلفيئر کاتي جي ضلعي عملدار لياقت سھتو پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته عالمي امدادي ادارا وائرس ايمرجنسي ۽ لاڪ ڊائون متاثرن لاء فنڊ جاري نه پيا ڪن ان ڪري عالمي اين جي اوز ڪورونا ۽ لاڪ ڊائون متاثرن لاء ڪو پراجيڪٽ شروع نه ڪيو آھي ۽ سموريون عالمي اين جي اوز سنڌ مان ڪم بند ڪري ھليون ويون آھن، ٻئي پاسي ٺٽي ۾ هلندڙ لاڪ ڊائون دوران سياحتي مرڪزن تي سياحن ۽ ضلعي جي مشهور درگاهن جي بند ٿيڻ ڪري زائرين جي اچ وڃ معطل آهي، جنهن ڪري هتان جي وڏي پئماني تي هوٽلن، ٻيڙين،گلن ، چادرن ۽ ٻين مختلف ڪاروباري سرگرمين جي سخت متاثر ٿيڻ سان ضلعي اندر 40 هزار کان مٿي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جو خاندان بيروزگاري سبب بک ۽ بدحالي جي ور چڙهي انتهائي ڪسمپرسي واري حالتن ۾ زندگي گھارڻ تي مجبور آهي . ان ڏس “پنهنجي اخبار” جي ورتل جائزي مان معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي جي سياحتي ۽ تاريخي مرڪزن مڪلي قبرستان ، بادشاهي شاهجھان مسجد ، ڪينجھر ، هاليجي ، ڀنڀور ، هڏيرو ، سن وي لنگون واٽر پارڪ ۽ پيرا ڊائيز واٽر پارڪ ۽ مشهور درگاهن ، درگاھ عبدالله شاهه اصحابي ، درگاھ سخي جميل شاهه ڏاتار گرناري ، درگاھ سخي سلطان شاهه عالم پيرپٺو ، درگاھ شاهه مراد شاهه شيرازي ، درگاھ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ، درگاھ مخدوم محمد آدم ، درگاھ شيخ عالي ، درگاھ درس داد ، درگاھ درس وريو ، درگاهه ستيون ، درگاهه شاهه پريون ، درگاهه شاھ حسين ، درگاھ لاکو پير ، درگاھ شيخ ٽالو ، درگاهه جمن شاهه بخاري سميت ضلعي جي 4 ئي تعلقن ٺٽو ، ساڪرو ، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن جي ڪيترن ئي تاريخي توڙي سياحتي ماڳن ۽ درگاهن تي گذريل ڏيڍ مهيني کان سرگرميون معطل آهن. ڏهاڙيدار پورهيتن جي روزگار جي مختلف ذريعن جي سخت متاثر ٿيڻ باوجود هن مهل تائين متاثرن جي سرڪاري طور تي نه واهر ٿي آهي ۽ نه ئي هتان جي متاثر پورهيتن کي سرڪاري امدادي راشن ملي سگھيو آهي. ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن ربڏنو شيخ ، جمن شيخ ، عبدالغفور رونجھو ، محمد سليم ملاح ، سانوڻ خان ، نياز احمد ، دوست علي ، شاهه خالد ڏاتاري ، انور شاهه ڏاتاري ، ڪريم بخش ۽ ٻين لاڪ ڊائون متاثرن مطالبو ڪيو آهي ته لاڪ ڊائون سبب بند ڪرايل درگاهن توڙي سياحتي مرڪزن کي پابندي کان آجو قرار ڏيئي سندن خاندانن کي بيروزگاري سبب بکن وگھي بي موت مرڻ کان بچايو وڃي. ٻئي پاسي بدين ضلعي جي سامونڊي پٽي واري شهر سيراڻي ۾ ڍنڍن،ڍورن،سم نالن،واهن،شاخن سميت سمنڊ مان مڇي جو شڪار ڪندڙ مهاڻا لاڪ ڊائون سبب وڏا شهر بند هئڻ ڪري مڇي،جينگهو وڪرو نٿا ڪري سگھن، جنهن ڪري 2000 کان مٿي مهاڻا بي روزگار ٿي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

Bookmark the permalink.