تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ٺل ۾ نوجوان کي ڪتن ڏاڙهي وڌو، بدين ۾ ڪتا مار مهم شروع نه ٿي

ٺل / بدين (نمائندن وٽان) ٺل جي کيرا ڪالوني ۾ ڪتي نوجوان غلام مرتضي ٻرڙو کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي اسپتال نيو ويو، هوڏانهن ڪمشنر حيدرآباد جي حڪم باوجود بدين ۾ ڪتا مار مهم شروع نه ٿي سگهي، شهرين ڪامريڊ نور محمد پنهور، نياز سومرو، عبدالخالق ميراڻي، عزيز سومرو چيو ته ڪتن جو وڏو آزار آهي گهرن کان نڪرڻ به مشڪل ٿي ويو آهي، هنن گهر ڪئي ته ڪتا مار مهم شروع ڪري شهرين کي آزار کان بچايو وڃي

Bookmark the permalink.