تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ٺل ۾ مٺي پاڻي جي اسڪيم مڪمل نه ڪرڻ خلاف احتجاج جاري

ٺل ( ن پ ا) ٺل ۾ مٺي پاڻي جي اسڪيم ۾ ٿيل ڪرپشن ۽ پاڻي اسڪيم مڪمل نه ٿيڻ خلاف جدوجھد ايڪشن ڪاميٽي ٺل پاران پريس ڪلب ٺل اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو انهي موقعي تي چونڊيل نمائندن عملدارن ۽ ٺيڪيدارن خلاف سخت ڇتي نعري بازي ڪئي وئي انهي موقعي تي جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي ٺل جي اڳواڻن ممتاز علي ٻرڙو ,سڪندر علي ڪنراڻي, اڪبر علي مھر,ڪامريڊ ظفر سنڌي,حاڪم ڊول ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گذريل ڪيترن مھينن کان شھري مٺي پاڻي جي اسڪيم ۾ ٿيل ڪرپشن جي جانچ ڪرائڻ لاءِ پريس ڪلب ٺل اڳيان سراپا احتجاج آھن ۽ رڙيون پيا ڪن پر ھتان جي چونڊيل نمائندن ۽ آفيسرن کي هتان جي شھر ۽ شھرين جي ڪا به ڳڻتي ناهي اسين مطالبو ٿا ڪيون ته ڪرپشن ۾ ملوث ماڻھن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري اسڪيم جلد مڪمل ڪرائي وڃي

Bookmark the permalink.