تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ٺل ۾ موٽرسائيڪل سوارن تي مبينا حملو، ٻارڙو فوت، احتجاج

ٺل ( ن پ ا) ٺل واسي شاهي بنگلاڻي ۽ نيڪ محمد سرڪي معصوم ٻارڙي عرفان بنگلاڻي جي علاج لاءِ موٽر سائيڪل تي جيڪب آباد وڃي رهيا ھئا ته نور واهه ويجهو هنن کي هٿياربندن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي هنن موٽر سائيڪل نه بيهاري جنهن تي هٿياربندن موٽر سائيڪل جو پيڇو ڪري هنن جي موٽر سائيڪل سوارن کي لٺيون هڻي ڪيرائي وڌو موٽر سائيڪل ڪرڻ سبب هڪ سال جو بيمار ٻارڙو عرفان بنگلاڻي فوت ٿي ويو، جڏهن ته نيڪ محمد ۽ شاهي بنگلاڻي شديد زخمي ٿي پيا جڏهن ته زخمين جي رڙين تي رستي وارا پهچي ۽ هٿياربند فرار ٿي ويا، هوڏانهن فوتي نينگر جي وارثن واقعي خلاف احتجاج ڪندي گهر ڪئي ته ڦر جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي

Bookmark the permalink.