تازا ترين
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ٺل مان واپاري کي دڪان تان گرفتار ڪرڻ خلاف احتجاج

ٺل( ن پ ا) ٺل جي محمد صديق نوناري ڪالوني جي رهواسي واپاري عبدالرسول نوناري کي ميان صاحب پوليس دڪان تان کڻي وئي، جنهن تي نوناري برادري ۽ شهرين ٺل شڪار پور روڊ تي مولوي مير حسن ٻرڙو طارق نوناري، عبدالوحيد گلزار نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو انهي موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته عبدالرسول کي ائين کنڀيو ويو جيئن ڪنهن کي اغوا ڪبو آھي ۽ بغير ڪنهن ڪيس جي ۽ ٺل ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻ کان بغير انهي کي کنڀي ڪار ۾ وڌو ويو بعد ۾ ٺل پوليس عبالرسول کي ميان صاحب ٿاڻي تان ٺل ٿاڻي تي کڻي آئي انهي موقعي تي نوناري برادري جا چڱا مڙس پڻ ٿاڻي تي پهتا ۽ هنن گهر ڪئي ته واپاري کي بلا جواز کنڀيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو هوڏانهن ميان صاحب پوليس موجب عبدالرسول کي غلط فهمي تحت حراست ۾ ورتو ويو بعد انهي کي ڇڏيو ويو

Bookmark the permalink.