تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

ٺري ميرواھ جي ريگستاني علائقن ۾ وڻن جي غيرقانوني واڍيءَ جو سلسلو تيز ٿي ويو

ٻڪرين، رڍن، اٺن ۽ ٻئي چوپائي مال جو قدرتي چارو به تيزيءَ سان ختم ٿيڻ لڳو

چوپائي مال جو چارو ختم ٿيڻ سبب علائقي ۾ ڏڪار جھڙي صورتحال پيدا ٿي وئي

ٺري ميرواھ (رپورٽ: محمد علي شر ) ٺري ميرواھ تعلقي جي ريگستاني علائقن ۾ قدرتي سونهن بڻيل وڻن جي واڍي جاري، ڀِٽن جا دڙا قدرتي سونهن وڃائڻ لڳا، ٻڪرين، رڍن، اٺن ۽ ٻئي چوپائي مال جو قدرتي چارو به تيزيءَ سان ختم ٿيڻ لڳو. ٻيلو کاتو قدرتي حسن کي بچائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو. رپورٽ موجب ٺري ميرواھ تعلقي جي ريگستاني علائقن سلطاني ويرو، سرائي وارو مڪان، ٻير وارو پير، مڪان وارو کوھ، يوسف وارو ويرو، ساوڙي، کرکنو،ڇن، نانگوپير، جمال شاھ، ڍيڍاڻو ۽ تليءَ ۾ ڀٽن جي دڙن تي بيٺل کبڙ، ڪنڊي، انگريزي ٻٻر، ڦوڳ، ڪرڙ جي وڻن جي واڍيءَ وارو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. وارياسن علائقن سونهن بڻيل وڻن جي گھاٽي ڇانوَ ھجڻ ڪري وڏي اھميت آهي. ڀٽن تي ڳوٺن ۾ رهندڙ ماروئڙا وڻن جي گهاٽي ڇانوَ ۽ جانورن جي چاري سبب انهن کي وڏي اهميت ڏين ٿا. اهي به رپورٽون آهن ته وڻن جي غيرقانوني واڍيءَ مان ٿيندڙ آمدنيءَ جو ڳچ حصو مقامي فاريسٽ کاتي جي ملازمن کي پڻ ڏنو وڃي ٿو. ريگستاني علائقن ۾ ٿيندڙ وڻن جو ڪاٺ بٺن تي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. وڻن جي واڍي سبب ھتان جي مشھور جھنگلي ماکي پڻ ختم ٿي چڪي آھي، ڇو ته رس گڏ ڪرڻ جو واحد ذريعو پاڻي نه ھجڻ ڪري قدرتي ٻوٽا ۽ وڻن جا گل ئي ھوندا آھن. وڻن جي واڍي ڪرڻ لاءِ اڪثر بااثر سياسي ماڻهو ان زمين جي کڻت کڻي اتي بيٺل وڻن جي واڍي جو ٺيڪو پٺاڻ ٺيڪيدارن کي ڏئي ڇڏين ٿا. واڍي سبب چوپائي مال لاءِ به ڏڪار جھڙي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڻ تيزيءَ سان ختم ٿي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ مختلف قسم جا پکي پڻ آهستي آهستي ناياب ٿيندا پيا وڃن. ٺري ميرواھ تعلقي جي سڄاڻ سماجي اڳواڻن سينگار علي شر، شفيع محمد ملاح، پرويز علي پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ٻيلي کاتي جي نااھلي سبب وڻن جي واڍيءَ جو عمل تيزي سان جاري آھي. بااثر سياسي ڀوتار ريگستاني علائقن جي کڻت ڪري ٻيلن جا دشمن بڻجي ويا آھن. ھنن ٻيلي کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٺري ميرواھ جي ريگستاني علائقن ۾ وڻن جي غير قانوني واڍي ڪندڙ ماڻھن خلاف فاريسٽ ايڪٽ تحت قانوني ڪاروائي ڪري وڻ بچايا وڃن.

Bookmark the permalink.